نازش جهانگير ڊپريشن جي حوالي سان اهم انڪشاف ڪري ڇڏيا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊرامي ”ڪهين ديپ جلي“ ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندڙ نازش جهانگير ڊگهي عرصي کان ڊپريشن ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

شوبز انڊسٽري جون ڪيتريون ئي اداڪارائون سوشل ميڊيا تي ڊپريشن جي حوالي سان ڳالهائينديون آهن، جن ۾ اداڪارا ماورا حسين، حنا الطاف ۽ ماهي بلوچ سميت ٻيون شامل آهن.

تازو ڊپريشن جي حوالي سان وڌيڪ هڪ اداڪارا سوشل ميڊيا جو سهارو وٺندي مداحن کي پنهنجي بيماري بابت ٻڌايو آهي.

نازش جهانگير سوشل ميڊيا تي هڪ وڏي پوسٽ جاري ڪئي، جنهن ۾ هن لکيو ته ڪيترائي ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن ته ”پوسٽ ٽراميٽڪ اسٽريس ڊس آرڊر“ جو علاج نه ڪرڻ سان ان جا تباهي آڻيندڙ اثر ٿي سگهن ٿا.

هن چيو ته اها بيماري نه رڳو توهان جي گهروارن ۽ دوستن سان لاڳاپن کي متاثر ڪندي آهي پر اها توهان کي جذباتي مسئلن ۽ صحت بابت مسئلن ۾ به مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي.

نازش جهانگير پنهنجي پوسٽ ذريعي سڀني کي پيغام ڏنو ته اهڙو ڪو به فارمولو ناهي، جيڪو اوچتو توهان کي خوف مان ڪڍي ٺيڪ ڪري ڇڏي، صبر ڪيو، پنهنجي سفر کي ئي مرهم بڻجڻ ڏيو.

اداڪارا وڌيڪ لکيو ته مان روز عبادت ڪندي آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.