سليڪٽڊ حڪومت وڌيڪ مهانگائي جي تياري ڪري چڪي آهي…!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ آهي ته سليڪٽڊ حڪومت وڌيڪ مهانگائي ڪرڻ جي تياري ڪري چڪي آهي.

پيپلز پارٽي جي مصطفيٰ نواز کوکر پنهنجي بيان ۾ چيو ته عوام مهانگائي ۾ پيڙهجي رهيو آهي، ڪو جواب ڏيڻ وارو ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ملڪ ۽ قوم کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي، حڪومت ڪجهه ڪروڙ ڊالرن جي عيوض آءِ ايم ايف جي اڇي ڪاغذ تي صحيح ڪئي.

مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اڄ به چون ٿا ته آءِ ايم ايف جو معاهدو پارليامينٽ ۾ آندو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.