نواب ولي محمد: پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
نواب ولي محمد: پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ نواب ولي محمد: پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

نواب ولي محمد ڀرسان دولتپور شاخ جي پڇڙي ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن نور احمد انڙ، انور علي ٻگهيو، خميسو خان ڀنڊ، سيد ارشاد شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دولتپور شاخ جي بچل پور موري وٽ  آبادگارن  احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي هنن چيو  ته سالياني وارابندي گذرڻ کي 10 ڏينهن ٿي ويا آهن، پر دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي ناهي آيو، جنهن سبب  ڪڻڪ، سرنهن ۽ ٻيا فصل  سڪي سڙي رهيا آهن، جنھن ڪري کين ڪروڙين رپين جي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي.

هنن چيو ته آبپاشي عملي جي اهڙي ظلم سبب فصلن تي ڪيل خرچ به نه ٿو نڪري سگهي،قرض کڻي فصل ڪاهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.