خيرپور: اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران هاسٽل جي زمين تي قبضي خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
خيرپور: اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران هاسٽل جي زمين تي قبضي خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ خيرپور: اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران هاسٽل جي زمين تي قبضي خلاف احتجاج

خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران ميڊيڪل ڪاليج کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي  سراج احمد بروهي، شاهزيب، ڊاڪٽر بشرا ،ڊاڪٽر سميرا ،۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ميڊيڪل ڪاليج جي نياڻين جي هاسٽل واري زمين تي احسان مهيسر قبضو ڪيو آهي جيڪو ناجائز قبضو آهي.

هنن چيو ته ان زمين تان بااثر کان قبضا ختم ڪرائي ان زمين تي هاسٽل ٺهرائي ڏني وڃي.

هنن چيو ته  اسان ڊپٽي ڪمشنر خيرپور نعيم احمد سنڌو کان مطالبو ڪيو ٿا ته جلدي هاسٽل تان قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي ته جيئن ان زمين تي نياڻين جي لاءِ هاسٽل ٺهي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.