حافظ سعيد کي دهشتگردي ڪيس ۾ 11 سال قيد

لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي عدالت جماعت الدعوت حافظ محمد سعيد دهشتگردي جي ڪيس ۾ 11 سال قيد ۽ 15 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

دهشتگردي جي انت واري خاص عدلت جي جج ارشد حسين ڀٽا جماعت الدعوت جي امير حافظ محمد سعيد جي خلاف ٻن ڪيسن ۾ محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

عدالت حافظ سعيد سميت ٻن جوابدارن کي ٻن ڪيسن ۾ ٽرائل مڪمل ٿيڻ تي ساڍا پنج پنج سال قيد ۽ 15 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت گڏيل طور تي حافظ سعيد کي 11 سال قيد ۽ 15 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.

حافظ محمد سعيد خلاف دهشتگردي جي انت واري عدالت غير قانوني فنڊنگ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪري رکيو هو، ٻنهي ڪيسن ۾ حافظ سعيد جي خلاف 23 شاهدن جا بيان قلمبند ڪرايا.

حافظ محمد سعيد تي دهشتگردي جي هٿي ڏيڻ ۽ دهشتگردن جي مالي سهڪار جي لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جوالزام هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.