”حددخليون منظور ناهن پر ماڻهن جا گهر نٿو ڊاهي سگهان“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عدالتي حڪم تي شهر ۾ حددخلين جي خلاف آپريشن ۾ گهرن کي مسمار ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته حددخليون ڪنهن صورت ۾ منظور ناهن پر غريبن جا گهر ڊاهڻ ۾ رضامند ناهيان، عوام جي مٿي تان ڇِت هٽائڻ سنڌ حڪومت کي قبول ناهي.

آءِ جي سنڌ بابت سوال تي هن چيو ته وفاق کي اسان آءِ جا نالا هنن جي درخواست تي ڏنا آهن، اميد ڪيان ٿو ته ڪليم امام کي تبديل ڪيو ويندو ۽ انهن پنجن نالن مان آءِ جي مقرر ٿيندو.

وڏي وزير ٻڌايو ته سڀاڻي بلاول ڀٽو زرداري نيب ۾ پيش ٿيندو، مخالف ڌر جون سموريون پراٽيون ۽ صدر زردري کي بنا الزام جي جيل ۾ رکيو ويو، عدالت فريال ٽالپر کي ميرٽ تي ضمانت ڏئي ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.