سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي 3 مهينن ۾ فعال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ حڪومت کي ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو 3 مهينن ۾ فعال ڪرڻ ۽ مين لائن ون (ايم ايل 1) منصوبو 2 سال جي عرصي ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ ريلوي خسارو ڪيس ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي.

اڄ جي ٻڌڻي ۾ عدالت عظميٰ ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر کي طلب ڪري رکيو هو، ٻڌڻي دوران شيخ رشيد روسٽرم تي آيو ته هن جو چيف جسٽس سان مڪالمو ٿيو.

خيال رهي ته ڪراچي رجسٽري ۾ ان ڪيس جي گذريل ٻڌڻي ۾ سپريم ڪورٽ ڪمشنر ڪراچي کي حڪم ڏنو هو ته ريلوي جي زمين تي اڏيل عمارتن کي ڪرايو وڃي.

عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هو ته توهان ماڻهن کي سهولت ئي نٿا ڏيڻ چاهيو، وڃو هاڻ ئي وڃي سمورين غير قانوني عمارتن تي بلڊوزر هلايو.

جنهن تي اڄ ٿيل ٻڌڻي ۾ سپريم ڪورٽ طرفان ريلوي جي زمين تان حددخليون ختم ڪرڻ جي حڪم کي نظر ۾ رکندي ريلوي واري وزير چيف جسٽس کي چيو ته توهان جو ٿورائتو آهيان 12 ڏينهن ۾ ڏاڍو ڪم ٿيو آهي پر سڄي قوم توهان جي ٿورائتي آهي.

جنهن تي چيف جسٽس جواب ڏنو ته هي قوم جو منصوبو آهي ڪنهن جي ذات جي لاءِ ناهي.

شيخ رشيد ٻڌايو ته رات جو به آپريشڻ ڪيو آهي سرڪلر ريلوي ۾  ڏاڍي مزاحمت سامهون اچي رهي آهي، عورتون به مزاحمت ڪري رهيو آهن.

شيخ رشيد چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي ايراضي خالي عدالت وٽ ئي اندي ان سان گڏوگڏ ئي هن عدالت کان درخوسات ڪئي ته مهرباني ٿيندي جو فنڊن جي فراهمي جي هدايت ڪيو.

چيف جسٽس چيو ته توهان جيڪڏهن لاهور يا ڪراچي ۾ ريليو جي 4 کان 5 پراپرٽيون وڪڻي ڇڏي ريلوي جو مالي نظام بهتر ٿيندو، اسان چاهيون ٿا ته عوام جي ڀلائي لاءِ ڪجهه ٿئي.

جنهن تي شيخ رشيد چيو ته ڪراچي جي هڪ پراپرٽي وڪڻن سان به ڪم ٿي سگهي ٿو پر سپريم وڪرٽ وڪڻڻ کان روڪي رکيو آهي.

ريلوي طرفان سپريم ڪورٽ جي هدايت تي جمع ڪرائي وئي رپورٽ کي نظر ۾ رکندي چيف جسٽ  شيخ رشيد کي چيو ته توهان جيڪا رپورٽ جمع ڪرائي آهي ان ۾ سڀ ڪجهه آهي، رڳو ڪراچي سرڪلر ريلوي کي شروع ڪرڻ جي تاريخ جي، جنهن تي شيخ رشيد چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي شروع ڪرڻ بابت ٽائن لائن نٿا ڏئي سگهون.

چيف جسٽس منصوبابندي واري وزير اسد عمر کان پڇاڻو ڪيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي کي سي پيڪ ۾ شامل ڇو ڪيو ويو جنهن تي هن ٻڌايو ته معاشي صورتحال جي ڪري ان منصوبي کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته چين مان ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي لاءِ مهانگو قرض ملندو.

ريلوي واري وزير ٻڌايو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي لاءِ گذري رات عمارتون ڪرايون آهن جنهن ۾ سنڌ حڪومت به سهڪار ڪري رهي آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي سرڪلر کي سنڌ حڪومت کي ڇو پيو ڏنو وڃي؟ ڪراچي سرڪلر کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ته ان جو حال به اِهو ئي ٿيندو جيڪو ڪراچي جي ٽرانسپورٽ جو ٿيو.

چيف جسٽس شيخ رشيد کي هدايت ڪئي ته سرڪلر ريلوي جي زمين توهان حاصل ڪيو ۽ سرڪلر ريلوي کي به توهان هلايو.

چيف جسٽس وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته ريلوي وفاقي حڪومت جو سبجيڪٽ آهي، ڇا توهان آئين ۾  ترميم ڪرڻ پيا وڃو، آئين جي خلاف ڪو به ڪم نه ڪيو.

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته اسان ته چاهيو پئي ته سرڪلر ريلوي کان پوءِ ڪراچي ٽرام به هلايون، توهان کي ياد آهي ته ڪراچي ۾ پهرين محمد علي نالي ڪمپني هئي، نه اسان ستا پيا آهيون نه توهان سُتا پيا آهيو، پنهنجي ماڻهن کان ڊيليور ڪرايو.

بعد ۾ سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي  تي هڪ مهيني ۾ آپريشنل سرگرميون شروع ڪيون وڃن ۽ 3 مهينن ۾ سرڪلر کي مڪمل آپريشنل ڪيو ويندو، جنهن تي اسد عمر عدالت کي چيو ته ائين نه ٿي سگهندو، انفرا اسٽريڪچر بڻجڻ ۾وُقت لڳندو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اِها ته پوءِ نه ڪرڻ واري ڳالهه آهي، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي ايراضي محفوظ بڻائڻ جو حل اِهو ئي آهي ته فوري انفرا اسٽريڪچر وڇايو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته چين 10 ڏينهن ۾ هڪ هزار بسترن جي اسپتال مڪمل ڪري ورتي، ان ضمن ۾ اسد عمر ٻڌايو ته اسان چائنيز ڪمپني کي ئي ٺيڪو ڏيڻ چاهيون ٿا، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته چائنيز ڪمپني اِهو منصوبو 2 مهينن ۾ مڪمل ڪندي.

اسد عمر عدالت کي ٻڌايو ته رات 10 وڳي ڪم ختم ڪري گهر پهتو آهيان جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان به رات جو هڪ وڳي گهر ويندا آهيون.

اسد عمر جو چوڻ هو ته هي پراجيڪٽ 15 سالن کان ٻڌڻي هيٺ آهي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان چئي ڇڏيو ته ڪم نه ٿيندو، هر ڪم ممڪن آهي جيڪڏهن ڪيو وڃي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان نه ٿيڻ واري ڳالهه ڪري رهيا آهيو، ائين ٿيو ته منصوبو دير جو شڪار ٿي ويندو، ماڻهو منتظر آهن ته توهان  ڊيليور ڪيو.

چيف جسٽس هدايت ڪئي ته سرڪلر ريلوي وارا پنهنجن ماڻهن کي سمهڻ نه ڏين پر انهن کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏين.

جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته قبضو ختو ڪرائڻ کان پوءِ ڪم شروع نه ٿيو ته ٻيهر قبضو شروع ٿي ويندو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت کان ڪجهه به نه ٿيندو، توهان کي ڳالهائڻو آهي ته ڳالهايو، شيخ رشيد صاحب اِهو منصوبو توهان ئي هلائيندا ۽ ڪير هلائي به نٿو سگهي، هي معاملو توهان جو آهي توهان پاڻ حل ڪيو.

اسد عمر عدالت کي چيو ته سرڪلر ريلوي جو منصوبو 2 سال پهرين سنڌ حڪومت کي ڏنو ويو هو، منصوبو شروع ڪرڻ جو سهرو سنڌ حڪومت جي مٿي تي آهي، سنڌ حڪومت کان به پڇي وٺو.

چيف جسٽس ريلوي واري وزير کي مخاطب ڪندي چيو ته شيخ صاحب منصوبي جي ربن ڪڏهن ڪاٽيندو؟

اسد عمر چيو ته هن وقت ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ناهن، ان منصوبي جي لاءِ وڏي فنانسنگ اصل معاملو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته منصوبي جي لاءِ جاپان وارا توهان کي هر هر چئي رهيا هئا، اسد عمر جواب ڏنو ته ان معاملي تي سنڌ حڪومت کي گهرائي معلوم ڪيو.

اسد عمر جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت کي هدايت ڪيو ته سرڪلر ريلوي منصوبي تي عملدرآمد جو پلان آڻيو جنهن تي سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت سنڌ حڪومت کان به جواب طلب ڪري ورتو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسد عمر توهان اسان جي لاءِ ڏاڍا محترم آهيو پر توهان ريلوي جي لاءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهو.

جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته عملدرآمد جو شيڊول ته ٻڌايو جنهن تي اسد عمر ٻڌايو ته ايم ايل 1-9 ارب ڊالر جو منصوبو آهي جنهن جو پي سي -1 هلندڙ مهيني جي آخر تائين ريلوي کي ڏئي ڇڏينداسين.

اسد عمر عدالت کي ٻڌايو ته قومي اقتصادي ڪونسل جي انتظامي ڪميٽي (ايڪنڪ) اپريل تائين ايم ايل ون جي منظوري ڏني ويندي ۽ انشا الله ايم ايل ون جو ڪم شيخ رشيد جي هٿن ۾ هوندو.

اسد عمر چيو ته هڪ هزار 880 ڪلو ميٽر طويل ايم ايل -1 منصوبو 10 مارچ تي سي ڊي ڊبليو ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ 12 اپريل تي قومي اقتصادي ڪونسل جي انتظامي ڪميٽي منصوبي جي منظوري ڏيندي.

شيخ رشيد چيو ته ايم ايل ون منصوبو جنهن ڏينهن شروع ٿي ويندو ان کان 5 سالن ۾ مڪمل ٿيندو هن عدالت کي ٻڌايو ته ان منصوبي تي چيني به مطمئن ٿي ويا آهن.

جنهن تي سپريم ڪورٽ ايم ايل ون منصوبو 2 سالن جي عرصي ۾ فعال بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

بعد ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي ٻڌڻي 21 فيبروري تي ڪراچي رجسٽري ۾ مقرر ڪئي وئي جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ چيئرمين ريليو کي طلب ڪيو.

ٻئي پاسي ريلوي خساري ڪيس جي ٻڌڻي 2 مهينن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي جنهن ۾ بزنس پلان تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي چيو ته ٽائم لائن تي عملدرآمد نه ٿيڻ جا خطرناڪ نتيجا هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.