ڪراچي ۾ فرقيواراڻي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ٻه دهشتگرد گرفتار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي فرقيواراڻي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڪائونٽر ٽيرر ازم ڊپارٽمينٽ اختيارين موجب ڪراچي جي علائقي سائٽ سيمنس چورنگي ڀرسان ڪارروائي ڪندي ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو.

گرفتار ٿيلن ۾ حيدر زيدي عرف ڪامي ۽ سيد علي رضا عرف بوبي شامل آهن، جن جو واسطو ڪالعدم تنظيم سان آهي.

سي ٽي ڊي موجب جوابدارن پارا چنار سان دهشتگردي جي تربيت حاصل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي ۽ ٻئي فرقيواراڻي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهن.

اختيارين جو چوڻ هو ته جوابدارن 2007 ۾ ڪراچي جي علائقي سعود آباد ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪن واصف کي قتل ڪيو ۽ ان ئي سال ملير ۾ فائرنگ ڪري شڪيل نالي شخص کي ماريو.

2013 ۾ جوابدارن نارٿ ناظم آباد ۾ دڪان تي فائرنگ ڪري فرحان بيگ کي موت جي ننڊ سمهاريو ۽ ان ئي سال تيموريا جي علائقي ۾ عبدالواحد عرف زاهد کي قتل ڪيو، جڏهن ته جوابدارن 2018 ۾ گلشن اقبال ۾ اشرف المدارس جي طالب کي به قتل ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.