نيوزيلينڊ پلاند وٺي ڇڏيو، ڀارت ون ڊي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ

مائونٽ مائونگانوئي (ويب ڊيسڪ) ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي آخري مقابلي ۾ به نيوزيلينڊ ڀارت کي شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪلين سوئيپ ڪرڻ جو بدلو وٺي ڇڏيو.
مائونٽ مائونگانوئي ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته ڀارت پهرين بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 296 رنسون ٺاهيون.
ڀارتي رانديگر ڪي ايل راهول جي سينچري به ڀارت کي ڪلين سوئيپ کان بچائي نه سگهي ۽ نيوزيلينڊ 5 وڪيٽن جي نقصان تان ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو.
نيوزيلينڊ جي اوپنر رانديگر هنري نيڪولز 80 جڏهن ته مارٽن گپٽل 66 رنسون ٺاهي ميچ جي شروعات بهترين طريقي سان ڪئي جڏهن ته نيوزيلينڊ جي رانديگر ڪولن ڊي گرينڊ هوم 28 بالن تي 58 رنسون ٺاهي ڀارت کي شڪست نصيب ڪرائي.
ڀارتي ليگ اسپنر يوزويندر چاهال 47 رنسون ڏئي ٽن ڪيويز جو شڪار ڪيو.
نيوزيلينڊ 47.1 اوور ۾ ئي پنج وڪيٽن جي نقصان تي 300 رنسون اسڪور ڪري ڀارت کي ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.