ڪراچي ۾ ٽين شادي ڪندڙ شخص پهرين زال ۽ ڄاڃين هٿان سَٽجي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٽين شادي ڪندڙ هڪ شهري جي شامت اچي وئي ۽ وليمي جي موقعي تي پهرين زال جي پهچڻ تي گهوٽ کي عزت ڏيندڙ ڄاڃين ئي کيس ڪُٽي لاٿو.

ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد بلاڪ ايل ۾ آصف نالي شخص جي وليمي جي تقريب جاري هئي ته ان وقت سندس پهرين گهرواري ٻار سميت اتي پهچي وئي ۽ گهوٽ جا ارمان لوڙهي ڇڏيا.

آصف جي پهرين گهرواري مڙس جي ٽين شادي جو پول پڌرو ڪيو ته ڄاڃي آپي مان نڪري آيا ۽ انهن گهوٽ کي ڪٽڪو ڏئي سندس ڪپڙا ئي ڦاڙي ڇڏيا.

ڪنواريتن گهوٽ آصف کي نه رڳو ڪٽڪو ڏنو پر کيس پوليس جي حوالي به ڪيو، جڏهن ته پوليس گهوٽ کي گرفتار ڪري ٻنهي پارٽين کي عدالت وڃڻ جي صلاح ڏني.

پوليس موجب اهو سول معاملو آهي ۽ عدالت ۾ حل ٿيندو، اسان وٽ گهوٽ کي حراست ۾ رکڻ جو ڪو جواز ناهي پر هو زخمي حالت ۾ آهي ۽ قانوني ڪارروائي چاهي ٿو، کيس ايم ايل او لاءِ عباسي شهيد اسپتال موڪليو ويو آهي.

هوڏانهن گهوٽ آصف صحافين سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته مان پهرين گهرواري کان عليحدگي اختيار ڪري چڪو آهيان ۽ تشدد ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي.

ان دوران آصف جي ٻي گهرواري به ٿاڻي پهچي وئي ۽ صحافين کي پنهنجا سور ٻڌايا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.