آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي 13هين ڪيس جي تصديق

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) چين مان تازو ڪڍيل آمريڪي شهرين مان هڪ شهري ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.

چين مان ڪڍيل آمريڪي شهرين کي احتياط طور ٻن هفتن لاءِ آمريڪي فوجي اڏن تي رکيو ويو آهي.

آچر ڏينهن ڪيليفورنيا رياست جي اختيارين طرفان ٻڌايو ويو هو ته متاثر شخص ۽ ٽن ٻين ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي علامتن سبب ڌار ڪيو ويو آهي.

آمريڪا ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس جي 13 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهن، جن مان 7 ڪيليفورنيا رياست ۾ سامهون آيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.