مديجي ۾ ٻارڙي کي پوليو جو شڪ ظاهر

مديجي (ويب ڊيسڪ) مديجي ۾ ٻارڙي کي پوليو هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.
مديجي جي بروهي پاڙي جي رهواسي پورهيت سليم بروهي جي ڏيڍ سال جي معصوم پٽ رافد بروهي کي پوليو هجڻ جو شڪ ظاهر ٿيو آهي.
ان سلسلي ۾ نينگر جي والد سليم بروهي ٻڌايو ته اسان بلوچستان جي ٽيپل واري علائقي ۾ گهمڻ ويل هئاسين ته اتي پٽ کي ائين ئي پٽ تي گهمڻ لاءِ ڇڏيوسين ته سندس ڄنگهه ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، جنهن بعد واپس آياسين ۽ پٽ کي علاج لاءِ سکر اسپتال ڏيکاريو، جتي ڊاڪٽرن پٽ کي پوليو هجڻ جو چئي واپس ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته ان بعد ڊي ايڇ او شڪارپور جي ميڊيڪل ٽيم سميت مختلف ٽيمون اسان وٽ پهتيون، جيڪي منهنجي پٽ جي رت جا جزا وٺي ويا هئا پر اڃا تائين ڪنهن به حال احوال ناهي ورتو.
هن دانهيندي چيوته پٽ جي ڄنگهه سڪي وئي آهي پر ڪنهن به سار ناهي لڌي، اسان مسڪين آهيون، علاج ڪرائڻ جي طاقت ناهي اختياريون نوٽيس وٺن ۽ پٽ جو علاج ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.