مديجي ۾ زمين جي تڪرار تان ٿيل جهيڙي جو زخمي فوت

مديجي (ويب ڊيسڪ) مديجي ڀرسان ڳوٺ سوڀو خان خروس ۾ زمين جي مالڪيءَ تان ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان عبيدالله پٽ عبدالحق خروس ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
نوجوان جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو، فوتي نوجوان جو لاش ايمبولينس ذريعي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
ان حوالي سان تاجو ديرو پوليس جو چوڻ هو ته هڪ ڏينهن اڳ زمين جي مامري تان ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙي دوران ٽي ڄڻا زخمي ٿيا هئا، جن مان هڪ زخمي عبيدالله خروس کي علاج لاءِ ڪراچي اسپتال نيو ويو هو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب فوتي جي وارثن پاران ڪيس داخل ڪرائڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.