ڪوٽڏيجي ۾ رولو ڪتن اسڪول ويندڙ ٻارڙيءَ کي ڏاڙهي وڌو

ڪوٽڏيجي (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڏيجي جي مختلف علائقي ۽ ڀرپاسي واري ڳوٺن ۾ رولو ڪتن جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو، رولو ڪتن اسڪول ويندڙ معصوم شاگردياڻي کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو.
ڪوٽڏيجي ۾ رولو ڪتن اسڪول ويندڙ ڪي جي جي معصوم شاگردياڻي مائرا ڌي اڪرم مڱڻهار کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، جنهن کي ويڪسين لاءِ سول اسپتال پهچايو ويو.
شهر ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌڻ سبب زخمي ٻارڙي جي گهر وارن احتجاج ڪندي چيو آهي ته رولو ڇتن ڪتن جي آزار سبب اسان جا معصوم ٻارڙا خوف ۾ وٺجي ويا آهن ۽ اسڪول وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، اسان ڪيترائي ڀيرا انتظاميا کي رولو ڪتن بابت شڪايتون ڪيون پر انتظاميه ڪو به ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. جڏھن ته چونڊيل نمائندن پاران به ڪتا مار مهم شروع ڪرائڻ ورا واعده به وفا ناهن ٿي سگهيا.
مظاهرين انتظاميه کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪوٽڏيجي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ جلد کان جلد ڪتا مار مهم شروع ڪرائي رهواسين مان مايوسي ختم ڪرائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.