پنهنجي پرفارمنس مُلڪ جي نالي ڪريان ٿو: نسيم شاهه

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ٽيسٽ جي هيرو نسيم شاهه چيو آهي ته بنگلاديش خلاف پنهنجي شاندار پرفارمنس پاڪستان جي نالي ڪيان ٿو.

نسيم شاهه چيو ته منهنجي والد کي ڪرڪيٽ بابت ڪا به خبر ناهي پر آئون جڏهن به کيس ٻڌايو ته آئون 3 وڪيٽون ورتيون آهن ته هڳو گھڻو خوش ٿيو، خدا جو شڪر آهي جو پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحال ٿي آهي.

هن چيو ته بنگلاديش خلاف پنهنجي شاندار پرفارمنس کي پاڪستان جي نالي ڪيان ٿو، ڪوشش هئي ته پنج وڪيٽون حاصل ڪيان پر انجري سبب ائين ڪرڻ ممڪن نه ٿي سگھيو، وقار يونس کي گھڻو ڪجهه سکي رهيو آهيان، اڳتي به سکندو رهندس ۽ آئون محنت تي يقين رکندو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.