صحت واري عالمي اداري ڪورونا وائرس جي خطري کان خبردار ڪري ڇڏيو…!

جنيوا(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي صحت واري عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته چين کان ٻاهر ڪورونا وائرس جي منتقلي هن وقت ظاهري طور ڏاڍي گهٽ آهي پر ان ۾ ڪنهن به وقت تيزي اچي سگهي ٿي.

سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس ايڊانوم جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جون ڪوششون جاري آهن ۽ چين ۾ ڊبليو ايڇ او جي ماهرن جي ٽيم به پهچي وئي آهي جيڪي چيني ماهرن سان گڏجي ڪم ڪندي.

هن ٻڌايو ته 99 سيڪڙو ڪيس چين مان رپورٽ ٿيا جنهن مان 2 سيڪڙو ماڻهن ۾ ڳڻتي جوڳي صورتحال ملي جڏهن ته باقي ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جو اثر هلڪو ۽ گهٽ هو.

ڊاڪٽر ٽيڊروس ايڊانوم ٻڌايو ته هن وقت تائين چين ۾ 40 هزار 2035 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي جنهن مان 909 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

چين کان ٻاهر ٻين 24 ملڪن ۾ 319 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن مان هڪ فوت به ٿيو.

سندس چوڻ هو ته اسان جو ڌيان هن وقت چين تي آهي، اسان ٻين ملڪن کي به چيو آهي ته هو ڪورونا وائرس جي وڏي پيماني تي پکڙجڻ کان بچڻ لاءِ حفاظتي بندوبست ڪن.

هن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته چين کان ٻاهر به وائرس هن وقت تائين گهٽ ماڻهن ۾ پکڙجو آهي پر اِها چڻگ ڪنهن به وڏي باهه ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.