سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ ”پاڪستان تباهي انسٽيٽيوٽ“ قرار ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پي ٽي آءِ کي پاڪستان تباهي انسٽيٽيوٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت نااهل آهي، اها ادارا سنڀالي نٿي سگهي، اين آءِ سي وي ڊي سميت ٽنهي اسپتالن لاءِ وفاق پئسا ئي نه رکيا آهن.

سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ اين آئي سي وي ڊي، جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ جو ڪنٽرول صوبائي حڪومت حوالي ٿيو، 2011ع کان پوءِ ٽنهي اسپتالن ۾ ترقي جو سفر شروع ٿيو، اين آءِ سي وي ڊي جا ڪراچي کان ٻاهر به سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، سنڌ جي اسپتالن ۾ سڄي ملڪ جا مريض اچي علاج جي سهولت حاصل ڪن ٿا.

هن چيو ته جنوري 2019ع سپريم ڪورٽ ڄاڻايل اسپتالون وفاق حوالي ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو، ان فيصلي ۾ چيو ويو ته انهن اسپتال تي سنڌ حڪومت جيڪو خرچ ڪيو آهي، اهو ان کي ڏنو وڃي، سنڌ حڪومت فيصلي سان اختلاف ڪندي نظرثاني اپيل داخل ڪرائي، جيڪا اڄ به پينڊنگ ۾ آهي، سپريم ڪورٽ فيصلو ڪيو ته جيستائين معاملا طئي نه ٿا ٿين ڪنٽرول سنڌ حڪومت وٽ رهندو، ٽنهي اسپتالن کي هلائڻ لاءِ ساليانو خرچ 16 ارب رپيا آهي، اسپتالن لاءِ وفاقي حڪومت هڪ رپيو به نه رکيو آهي، ان باوجود پي ٽي آءِ جا دوست مداخلت ۽ سياست ڪري رهيا هئا.

سندس چوڻ هو ته آءِ جي پوليس جي معاملي جو فيصلو وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيڻ جي اميد آهي، وڏي وزير ۽ گورنر وچ ۾ ملاقات عام معاملو آهي، ٻنهي وچ ۾ آءِ جي پوليس جي معاملي تي ڪو به صلاح مشورو نه ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.