ايس ايس پي سي ٽي ڊي جو آءِ جي سنڌ خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ ڪليم امام خلاف سندس ماتحت پوليس آفيسر ايس ايس پي غلام سرور ابڙي عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ سيفٽي ڪميشن ۾ آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي 23 آفيسرن خلاف رپورٽ تي ڪائونٽر ٽيرر ازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) سنڌ جي هڪ ايس ايس پي غلام سرور ابڙي آءِ جي سنڌ خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ايس ايس پي غلام سرور ابڙي جو چوڻ هو ته آءِ جي جي الزامن سان مون کي ڏُک پهتو ۽ رات جو ننڊ نه آئي، ڪليم امام ڪڏهن سنڌ ۾ نوڪري ناهي ڪئي، مان ڪڏهن ان سان گڏ ڪم ناهي ڪيو ۽ نه ماضي ۾ ڪڏهن ان جي ماتحت رهيو آهيان، ڪليم امام مون کي يا منهنجي ڪم کي ڄاڻي به نٿو.

هن چيو ته منهنجي سنڌ پوليس ۾ 25 سال نوڪري آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سميت سٺن سٺن آفيسر مون کي تعريفي سندون ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا.

غلام سرور ابڙي موجب مون کي پاڻ الزامن جو پتو ناهي، جيڪڏهن ڪا بدعنواني يا ڪرپشن ڪيان ها ته ڪو کاتو ڪارروائي يا ڪا نه ڪا سزا ضروري ملي ها پر اڄ تائين ڪجهه ناهي ٿيو، مان 13 ورهين کان 18هين گريڊ ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ ترقي ناهي ملي، شايد اهو ئي سبب آهي جو پوليس سروس پاڪستان آفيسر ناهيان.

هن الزام هڻندي چيو ته کاتي ۾ ڪرپشن ڪندڙ، تيل چور ۽ بدعنوان آفيسر آءِ جي جي ويجهو آهي ۽ اهي ئي سسٽم هلائي رهيا آهن، جن پوليس آفيسرن جا ٻار لنڊن ۽ آمريڪا ۾ پڙهي رهيا آهن، اهي آءِ جي سان گڏ آهن، اسان ته ٻار جي فيس به نٿا ڏئي سگهون.

هڪ سوال جي جواب ۾ غلام سرور ابڙي چيو آءِ جي جو جهيڙو ته سنڌ حڪومت سان آهي، هو مون سان جهيڙو ڇو ڪري رهيو آهي؟ ميڊيا ذريعي مون کي اهي سڀ خبرون پيون آهن، جڏهن ته ڪليم امام طرفان تحريري طور ڪجهه ناهي مليو، آءِ جي کي ليگل نوٽيس موڪلي رهيو آهيان، الزامن کي عدالت ۾ منهن ڏيندس، مان کيس ٻڌائيندس نوڪري ڪيئن ڪئي ويندي آهي، ان جو تجربو آهي ته ڇا اسان تجربي ڪار ناهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.