مهراڻ يونيورسٽي جو شاگرد پوائنٽ بس مان ڪري فوت

 

حيدرآباد (رپورٽ: حسيب لطيفي) مهراڻ يونيورسٽي جو شاگرد پوائنٽ بس مان ڪري فوت ٿي ويو.

22 ورهين جو شايان پٽ مير علي شاهه يونيورسٽي مان پوائنٽ بس ذريعي قاسم آباد پئي آيو ته نسيم نگر چوڪ تي هلندڙ پوائنٽ بس مان ڪِري ٽائرن ۾ اچي فوت ٿي ويو.

اطلاع تي پوليس پهچي فوتي نوجوان جو مڙهه ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو.

واضح رهي ته شايان شاهه مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ شعبي ۾ پڙهندو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.