ڏکڻ ڪوريائي فلم ’’آسڪر ايوارڊ‘‘ کٽي تاريخ رقم ڪري ڇڏي

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريائي هدايتڪار بنگ جون هو جي فلم’’پيرا سائٽ‘‘ 92 هين اڪيڊمي ايوارڊز (مشهور آسڪر ايوارڊز) ۾ سڀ کان وڏو اعزاز حاصل ڪري نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
ڊائريڪٽر بونگ جون هو جي فلم پيرا سائيٽ کي آسڪر ايوارڊ تقريب ۾ چار ايوارڊن سان نوازيو ويو جن ۾ بهترين فلم، بهترين هدايتڪار، بهترين اسڪرين پلي ۽ بهترين غير ملڪي ٻولي جي فلم شامل آهي.
’’پيرا سائٽ‘‘ پهرين غير ملڪي ٻولي جي فلم آهي جنهن کي آسڪر ايوارڊ دوران بهترين فلم جو اعزاز مليو آهي.
ان اعزاز کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ هدايتڪار جون بونگ جون جو چوڻ آهي ته مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته اهو ايوارڊ مونکي ملندو.
تقريب دوران اداڪارا ريني زيلويگر کي سندس فلم’’جوڊي‘‘ لاءِ بهترين اداڪارا جو ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته ورلڊ وار تي ٻڌل فلم ’’1917‘‘ ٽي ايوارڊ حاصل ڪيا ۽ ’’ونس اپان اي ٽائيم ان هالي ووڊ‘‘ ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار بريڊ پٽ کي بهترين ساٿي اداڪار جي آسڪر ايوارڊ سان نوازيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.