اي آر وائي ڊيجيٽل شوقينن لاءِ ٽن نون ڊرامن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اي آر وائي ڊيجيٽل ٽي وي پنهنجي ڏسندڙن لاءِ ٽن نون خوبصورت ڊرامن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اي آر وائي پاران اعلان ڪيل ٽن ڊرامن ۾ ’’عشقيه، جهوٽي ۽ ميرا دل ميرا دشمن‘‘ شامل آهن.
ڊرامي ’’عشقيه‘‘ جي ڪهاڻي همنا جولونگ ۽ حمزه جي چوڌرا گهمندي آهي جڏهن ته ان ڊرامي جو ليکڪ محسن علي شاهه ۽ هدايتڪار بدر محمود آهن، ڊرامي جي ڪاسٽ ۾ فيروز خان، رمشا خان، هانيه امير ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن. ڊرامو سيريل ’’عشقيه‘‘ هر سومر ڏهاڙي رات جو اٺين وڳي ڏيکاريو ويندو.
اي آر وائي جو ٻيو ڊرامو ’’جهوٽي‘‘ اهڙي ڇوڪري جي ڪهاڻي آهي جيڪا ڪوڙ ذريعي زندگي گذارڻ جي عادي هوندي آهي ۽ تمام چالاڪ ۽ بدتميز پڻ هوندي آهي، ڊرامي جو ليکڪ علي معين ۽ هدايتڪار سيد رميش رضوي آهن جڏهن ته ڊرامي جي ڪاسٽ ۾ اقرا عزيز، احمد علي بٽ، ياسر حسين، توقير ناصر، اسما عباس ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن.
ڊرامو ’’جهوٽي‘‘ هر ڇنڇر تي رات جو 8 وڳي اي آر وائي ڊجيٽل تي ڏيکاريو ويندو.
اي آر وائي جي ٽئين ڊرامي جو نالو ’’ميرا دل ميرا دشمن‘‘ آهي جنهن جي ڪهاڻي ماهرا جي چوڌاري گهمندي آهي جيڪا هڪ مڊل ڪلاس خاندان سان تعلق رکندي آهي ۽ سندس شادي دولت جي بنياد تي پاڻ کان وڏي شخص سان ٿيندي آهي، ان ڊرامي جي فنڪارن ۾ ياسر نواز، عليزه شاهه، نعمان سميع، لائبه خان ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن جڏهن ته ڊرامي جو ليکڪ عاصم بيگ آهي ۽ هدايتڪاري جا فرض اسامه علي رضا نڀايا آهن، ڊرامو سومر، اڱاري ۽ اربع تي رات جو 9 وڳي نشر ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.