راولپنڊي ٽيسٽ: پاڪستان بنگلاديش کي اننگز ۽ 44 رنسن تان هارائي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ قومي ٽيم مهمان ٽيم کي هڪ اننگز ۽ 44 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم ٻي اننگز ۾ پاڪستان پاران ڏنل سرسي کي به ختم نه ڪري سگهي ۽ 168 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.
چوٿين ڏينهن جي راند جي شروعات ٿي ته بنگلاديش جي ٽيم 126 رنسن تي 6 وڪيٽن جي نقصان تي ٻي اننگز شروع ڪئي ته 4 رنسن جي اضافي کانپوءِ ئي 130 رنسن تي سندن ستين وڪيٽ ڪري پئي. بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 233 رنسون ٺاهيون هيون جنهن جي جواب ۾ پاڪستان پنهجي پهرين اننگز ۾ 445 رنسون ٺاهي 212 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي هئي، جنهن بعد بنگلاديش ٽيم پنهنجي ٻي اننگز جي شروعات ڪئي ته ڏکيائين سندن پيڇو نه ڇڏيو ۽ راند جي ٽئين ڏينهن ئي 6 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون.
بنگلاديش جي ٽيم کي پاڪستان پاران اننگز شڪست کان بچڻ لاءِ 212 رنسون گهربل هيون پر مهمان ٽيم رڳو 168 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستاني ٽيم اننگز ۽ 44 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ٻي اننگز ۾ نسيم شاهه ۽ ياسر شاهه 4،4، وڪيٽون ورتيون جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ محمد عباس هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. راولپنڊي ٽيسٽ ميچ ۾ مجموعي طور تي 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.