ڀارت ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامينٽ لاءِ پاڪستان ايندڙ ٽيم سان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت ڪوڏي ڪوڏي ڪپ ۾ حصو وٺڻ لاءِ پاڪستان ايندڙ پنهنجي ٽيم سان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽورنامينٽ لاءِ ڪنهن ٽيم کي اجازت ناهي ڏني وئي.
انڊين اولمپڪ ايسوسي ايشن جي اڳواڻ نريندر باترا چيو آهي ته پاڪستان ويل ڪنهن به رانديگر جي باري ۾ کيس ڪو علم ناهي، انڊين اولمپڪ ايسوسي ايشن ۽ اميچور ڪوڏي ڪوڏي فيڊريشن آف انڊيا ڪنهن به ٽيم کي ورلڊڪپ ۾ حصو وٺڻ جي منظور ناهي ڏني، ان ڪري آئون نٿو ڄاڻان ته ڪير ڪير ويل آهي.
اميچور ڪوڏي ڪوڏي فيڊريشن آف انڊيا تصديق ڪئي آهي ته هنن ڪنهن کي به پاڪستان ناهي موڪليو ۽ راندين واري وزارت جو بيان به مون ڏٺو آهي ۽ هنن پاران به ڪا منظور ناهي ڏني وئي، ان ڪري آئون نٿو ڄاڻان ته هو ڪير آهن ۽ ڪهاڻي ڇا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.