اچو ته پنهنجن ڳوٺن جي مالڪي ڪريون

مقبول ملاح

دنيا شهري زندگي ڏانهن تبديل  ٿيندي پئي وڃي، تيزي سان شهر وڌندا وڃن ٿا، آسمان کي ڇهندڙ بلڊنگون تيار پيون ٿين، اهي شهر قبرستانن تي قبضا ڪري جوڙيا وڃن يا زرعي زمينون ڪمرشل ڪيون وڃن، غير فطري طرح جڙندڙ توڙي وڌندڙ شهر پنهنجو حسن وڃائي ويهن ٿا، شهرين کي صاف پاڻي نه ٿو ملي، پيئڻ جي پاڻي جون لائنون ۽ گندي نالي جو پاڻي پاڻ ۾ ملي وڃي ٿو ۽ شهري مختلف وبائي بيمارين ۾ وڪوڙجيو وڃن، وڏن شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ذهنن جيان سندن گهرن مان نڪرنديون گهٽيون به سوڙهيون ٿينديون ٿيون وڃن.

روشنين جي شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن ته ڪڏهن آسمان جو حسن به نه ڏٺو آهي، کين اها به خبر ناهي ته رات جو چمڪندڙن تارن ۾ آسمان ڪيڏو نه حسين لڳندو آهي، هو ته ٿڌي ۽ صاف هوا کان به محروم آهن. پر شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن جو هڪ پنهنجو ڌار حسن ٿئي ٿو، جتي چئني موسمن جي خبر پوي ٿي، چانڊوڪين راتين جو حسن به ڳوٺن ۾ محسوس ٿئي ٿو ته چمڪندڙ تارن جو حسن به پنهنجو آهي، سرءَ ۾ ڇڻندڙ پن جڏهن ٻيهر ساوا ٿي نڪرن ٿا ته بهار جي خوشبوءِ کڻي اچن ٿا، سانوڻي جي برسات جون پهريون ڪڻيون جڏهن زمين تي پهچن ٿيون ته مٽي جي خوشبوءِ به دل کي ڇوهي ڇڏي ٿي، صبح جو پکين جي خوبصورت آواز ۾ اک کوليندڙ ڳوٺاڻا به سدائين صحتمند ۽ چست رهن ٿا.

ڳوٺاڻي زندگي سادي سيڌي آهي، ڳوٺاڻن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه مڪاري، فريب، دوکو، دغا ۽ دولاب ناهي، پر اقتدار ڌڻين جي بيحسي سبب هاڻي اسان جا ڳوٺ به تباهي جي طرف وڌندا پيا وڃن، لکين سنڌ واسي صفائي نه هجڻ ڪري هيپاٽائيٽس جي موذي مرض به مبتلا آهن، جڏهن ته ترقي يافته ملڪن مان جنم وٺندڙ ايڊز به هاڻي اسان جي ڳوٺن ۾ گهر ڪندي پئي وڃي،  پاڪستان ته اڃان تائين پوليو فري ملڪ به نه بڻجي سگهيو آهي.

هن سڄي صورتحال ۾ جڏهن غير فطري طرح اڏجندڙ شهر مسئلن جي ور چڙهي ويا آهن ۽ حڪومتي بيحسي سبب ڳوٺ نظر انداز ڪيا پيا وڃن، اتي حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي سماجي تنظيم پرهه ترقياتي تنظيم طرفان صفائي هفتو ملهائڻ ساراهه جوڳو عمل آهي، جنهن دوران سماجي ڪارڪن حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي ڳوٺن الله رکيو سولنگي، جهنڊو ناريجاڻي، موليڏنو ميربحر، موريو ميربحر، گيلو نوناري، واڻڪي وسي، مسوڀرڳڙي، ٽنڊو حيدر، ٻڍو سيال ۽ هوت ميرجت ۾ نه صرف  گهٽين کي ٻهاري صاف ڪيو پر ڳوٺن ۾ بهار جي مند جي آجيان ڪندي وڻڪاري پڻ ڪئي وئي.  نوجوانن جي صفائي وارو هفتو ملهائڻ واري قدم جي نه صرف علائقي جي معززين ساراهه ڪندي صفائي واري عمل ۾ حصو ورتو،  پر تعلقي ٻهراڙي جي نوجوانن جو جوڙيل نوجوان اتحاد پڻ هن مهم  جو حصو رهيو.

پرهه ترقياتي تنظيم جي سرواڻ رحمت الله سولنگي ٻڌايو ته سندن تنظيم 15 سال اڳ پنهنجي ڳوٺ کان صفائي مهم جي شروعات ڪئي، جڏهن هنن صفائي مهم جي شروعات ڪئي ته ماڻهن سندن ان عمل تي چٿريون شروع ڪيون پر جڏهن هر سال مهم جو سلسلو جاري رهيو ته هو به سندن ان عمل ۾ شامل ٿي ويا ۽ ڳوٺ جي ڪنهن چڱي مڙس يا وڏيري کي جڏهن ٻهارو هٿ ۾ کڻي اسان سان گڏ گهٽيون صاف ڪندي ڏٺوسين ته يقينن اسان کي پاڻ تي فخر محسوس ٿيڻ لڳو. پر هاڻي نه صرف ڳوٺاڻا پر علائقي جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻ به هن مهم جو حصو آهن، هي مهم  جو مقصد نه صرف ڳوٺن کي صاف سٿرو رکڻو هيو، پر ڳوٺن جي مالڪي  جو تصور پڻ هيو. هن چيو ته هي ڪم ته حڪومت جو آهي ته هو پنهنجن ڳوٺن کي صاف سٿرو رکن، صحت ۽ تعليم جو سهولتون ڏين، پر اسان جڏهن ڏٺو حڪومت ڳوٺن کي پنهنجو ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن ته پوءِ اسان پنهنجن ڳوٺن جي مالڪي ڪئي ۽ ان تصور کي وڌائيندي هر سال هي مهم شروع ڪندا آهيون. هن مهم  ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، نوجوانن،

Bottom of Form

علائقي جي معززين عبدالشڪور ملاح، ڪامريڊ نثار لغاري، محب لغاري، پير نوناري، آفتاب لغاري، امجد رند، ايڊوڪيٽ مير مرتضيٰ ملاح، اياز سيال، اعجاز ڇلگري، حريش ڪمار پڻ حصو ورتو.  هنن چيو ته وڻڪاري ۽ صفائي سٿرائي بابت اڳتي اچڻ هڪ بهترين عمل آهي، ماحول کي آلودگي کان بچائڻ  لاءِ اسان کي پنهجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.