افسوس ته وزيراعظم جي خاطري باوجود آءِ جي وارو معاملو ٽنگيل آهي: وڏو وزير

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم آءِ جي کي تبديل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر افسوس پوءِ به معاملو ٽنگيل آهي.

بلديا رورل هيلٿ سينٽر ۾ ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاري 2020 جي پهرين پوليو جي خاتمي جي مهم شروع ڪرڻ دوران وڏي وزير ٻارن کي تحفا به ڏنا، جڏهن ته هن هڪ بيمار ٻارڙي جي علاج لاءِ صحت واري سيڪريٽري کي به هدايتون جاري ڪيون.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سال 2017 ۾ پوليو جو رڳو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو هو پر 2019 ۾ سنڌ ۾ 23 ڪيس رپورٽ ٿيا.

هن چيو ته 7 ڏينهن جي مهم دوران 23 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارينداسين ۽ 17 فيبروري کان وڌيڪ 67 لک ٻارن کي ڦڙا پيئاريا ويندا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي گورنر سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي، آءِ جي واري معاملي تي ڪابينا جي فيصلي تي عمل منهنجو فرض آهي، وزيراعظم آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن لاءِ اڳ ۾ 3، پوءِ وڌيڪ 2 نالا ڏنا پر افسوس معاملو اڃا تائين ٽنگيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.