انڊور 19 ورلڊ ڪپ: بنگلاديش ڀارت کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ورلڊ چيمپئن بڻجي ويو

پوچيف اسٽروم (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪونسل انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ بنگلاديش دفاعي چيمپئن ڀارت کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

ڏکڻ آفريق جي شهر پوچيف اسٽروم ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

دفاعي چيمپئن ڀارت جي ٽيم بنگلاديشي بالرن جو ڄمي مقابلو نه ڪري سگهي ۽ پهرين کيڏندي 48هين اوور مين 177 رنسون بڻائي آئوٽ ٿي وئي.

ڀارت طرفان جيسوال 88 ۽ تلڪ ورما 38 رنسون بڻائي نمايان رهيا، بنگلاديش جي ايويشيڪ داس 3، تنظيم حسن ۽ شريف السلام 2-2 رانديگرن کي کي آئوٽ ڪيو.

178 رنسن کي نظر ۾ رکندي بنگلاديش بيٽسمينن اننگز جو آغاز محتاط انداز سان ڪيو ۽ پهرين وڪيٽ تي 50 رنسون ٺاهيون پر وقفي وقفي سان بنگلاديش جون به وڪيٽون نڪرنديون ويون.

بنگلاديشي بيٽسمينن پرويز حسن ۽ ڪپتان اڪبر علي ذميواراڻي اننگز کيڏي ۽ ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

بنگال ٽائيگرز جا 7 رانديگر آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ ميچ مينهن جي ڪري روڪي وئي جنهن کان پوءِ ڊڪ اينڊ لوئس سسٽم جي تحت بنگلااليون کي کي ڊڪ ورٿ اينڊ لوئيس سسٽم جي تحت ڪاميابي لاءِ 4 اوورن ۾ 1 رنس گهربل هئي جيڪا 48هين اوور جي پهرين بال تي حاصل ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.