سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر عمران اسماعيل ۾ ملاقات

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي.

گورنر هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ امن امان ۽ صوبي جي ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن موجب گورنر ۽ وڏي وزير جي ملاقات ۾ انسپڪٽر جنرل پوليس سنڌ جي تبديلي بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ان موقعي تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت صوبي جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي ۽ مسئلن جي حل لاءِ وزير اعظم سمورين سياسي پارٽين جي شموليت چاهي ٿو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته صوبي جي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڳالهين جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.