فيصل ايڌي چين ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ لاءِ حڪومت کان اجازت گهري ورتي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي فلاحي اداري ايڌي فائونڊيشن جي چيئرمين فيصل ايڌي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي خط لکي ڪورونا وائرس کان متاثر چيني شهر ووهان مان پاڪستاني شاگردن کي ڪڍڻ جي اجازت گهري ورتي.

فيصل ايڌي جي خط جي متن موجب چين جي شهر ووهان ۾ ڪورونا وارئس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ اُتي پاڪستان شاگرد به موجود آهن، پاڪستاني شاگرد اسان سان رابطي ۾ آهن ۽ هو پريشان آهن.

خط ۾ چيو ويو آهي ته شاگردن وٽ کائڻ پيئڻ جون شيون موجود ناهن، اُتي موجود پاڪستاني شاگردن ۾ وائرس جي تصديق ناهي ٿي.

فيصل ايڌي جو چوڻ هو ته ووهان ۾ موجود پاڪستاني شاگردن کي واپس آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي، ايڌي فائونڊيشن پنهنجي مدد پاڻ جي تحت فلائٽ آپريشن سان ڪم ڪندي.

خط جي متن موجب اجازت ملندي ئي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويندو ۽ پاڪستان شاگردن کي اسڪريننگ کان پوءِ آندو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.