سنڌ جو گورنر هڪ ٻئي اختيار کان محروم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل هڪ ٻئي اختيار کان محروم ٿي ويو ۽ صوبائي محتسب اعليٰ جي مقرري جو اختيار وڏي وزير کي ڏنو ويو.

سنڌ جي وڏي وزير کي اختيار ڏيڻ بابت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ترميمي بل جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.

نوٽيفڪيشڻ کان پوءِ سنڌ ۾ محتسب اعليٰ جي مقرري جو اختيار وڏي وزير جي حوالي ٿي ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي گورنر ترميمي بل تي 10 ڏينهن گذرڻ جي باوجود جواب ناهي ڏنو جنهن جي ڪري بل کي منظور سمجهيو وڃي ۽ ترميمي ايڪٽ کي فوري طور جاري ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.