”مهانگائي ڏاڍي وڌي وئي آهي، هاڻ ڪم ڪرڻ جو وقت آهي “

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ مهانگائي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته هاڻ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

وفاقي وزير اسد عمر ڪراچي جي علائقي ليار جو دورو ڪيو جتي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته لياري جي عوام جي طاقت سان تحريڪ انصاف جي شڪور شاد اليڪشن کٽي.

اسد عمر چيو ته لياري جو نوجوان هونهار آهي رڳو هن کي سهولت ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان عوام جي فلاح ۽ بهبود جي مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

وفاقي وزير چيو ته ترقياتي ڪمن جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهيون ٿيون آهن، ان ۾ ڪا به سياست ناهي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ٻئي چاهن ٿيون ته ڪراچي جي لاءِ ڪم ٿئي.

ڪراچي جي لاءِ پاڻي جي منصوبي ڪي فور بابت ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته سنڌ حڪومت سان وڏو منصوبو شروع ٿيو پر التوا جو شڪار آهي پر اسان هر حڪومت سنا گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

سندس چوڻ هو ته ڪي فور جي منصوبي جو جلد آغاز ٿي ويندو، ڪراچي جي عوام سان واعدو آهي ڪي فور منصوبي جا 50 سيڪڙو فنڊ وفاق کان ادا ڪرائيندس.

اسد عمر چيو ته اسان کي ڪراچي ۾ رهندڙ شهرين سان عشق آهي، ڪراچي اسان جو اسان ڪراچي جا آهيون.

ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال تي وفاقي وزير اعتراف ڪيو ته مهانگائي ڏاڍي وڌي وئي آهي پر جلد ان تي ضابطو آڻينداسين، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مهانگائي جي چيلهه ٽوڙي وڃي ۽ ان مصنوعي مهانگائي  جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي.

اسد چيو ته هان ڪم ڪرڻ جو وقت آهي ان ڪري وزير اعظم وڏا فيصلا ڪرڻ پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.