حمزا عباسي فلم زندگي تماشا جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مشهور اداڪار ۽ ميزبان حمزا عباسي هدايتڪار سرمد کوسٽ جي فلم ‘‘زندگي تماشا’’ جي حمايت ڪري ڇڏي.

حمزا علي عباسي پنهنجي هڪ وڊيو ۾ فلم جي حمايت سان گڏ فلم تي تنقيد ڪندڙن کان درخواست ڪندي چيو آهي ته اعتراض ڪرڻ کان پهرين ڏسي ته وٺو ته فلم جو موضوع ڇا آهي، فلم ۾ نه ئي ڪنهن نعت خواني جي خلاف مهم آهي، نه ئي فلم ۾ نعت خواهن جي خلاف ڪو مواد شامل آهي، نه ئي اسلام تي تنقيد  ڪئي وئي آهي.

حمزا عباسي وڌيڪ چيو ته فلم ‘‘زندگي تماشا’’ تمام سٺي فلم آهي جنهن جي ڪهاڻي اها آهي ته جيڪڏهن اوهان نعت خوان آهيو ته ان لحاظ سان توهان تي تمام ذميوارون لاڳو ٿين ٿيون ته اوهان کي ان سرگرمين کان پري رهڻو پوندو جن سان توهان جي شخصيت تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.