”فواد عالم کي ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ ساڻس زيادتي آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان معين خان نوجوان ڪرڪيٽر فواد عالم جي حمايت ۾ ميدان تي لهي آيو.

اڳوڻي ڪپتان معين خان جو چوڻ آهي ته فواد عالم کي ٽيم جو حصو بڻائڻ گهرجي ها پر هن سان زيادتي ٿي.

معين خان وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ ۾ ميرٽ کي اڳتي آڻڻ جي ضرورت آهي ائين نه ڪرڻ سان اسان جي ساک بحال نٿي ٿي سگهي، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پرفارم ڪندڙ رانديگرن کي ٽيم ۾ چونڊيو وڃي، فواد عالم کي پاڪستاني ٽيم جو حصو بڻائڻ گهرجي ها.

هن چيو ته فواد جو تعلق به هن ئي ملڪ سان آهي، ٽيم ۾ چونڊ نه ڪرڻ هن سان زيادتي آهي، اهڙن عملن سان پاڪستاني ڪرڪيٽر جي ساک متاثر ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.