راولپنڊي ٽيسٽ ۾ بنگالي ڍير، ٻي اننگ 126 رنسون ٺاهي ورتيون

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش لڳاتار ڏکيائين جو شڪار رهڻ بعد ٻي اننگ ۾ رڳو 126 رنسن تي 6 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون.

راولپنڊي ۾ جاري ٽيسٽ ميچ ۾ شاهينن بنگالي ٽائيگرن جو ڍنگو ڍيري ڪري ڇڏيو، مهمان ٽيم پهرين اننگ ۾ فيل ٿيڻ باوجود سبق نه سکيو ۽ ٻي اننگ ۾ پڻ ٻوٽو نه ٻاري سگهي.

بنگلاديش پهرين اننگ ۾ رڳو 233 رنسن تي ڍير ٿي وئي جڏهن ته ٻي اننگ ۾ 126 رنسن تي 6 وڪيٽو وڃائي ڇڏيون، نسيم شاهه جي شاندار بالنگ اڳيان بنگالي ٽائيگر ٽڪي نه سگهي، فاسٽ بالر هيٽ ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.

ٻي اننگ ۾ بنگالي اوپنر تميم اقبال 34، نجم الحسين 38 رنسون ٺاهي سگهيو، مومن الحق 37 رنسون ٺاهيون ته اننگ اسٽمپ ٿي وئي.

پاڪستان جي نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه ٽن بالن تي ٽن بنگالي ٽائيگر جو شڪار ڪري ننڍي عمر ۾ هيٽ ٽرڪ ڪندڙ بالر هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.

ان کان اڳ پاڪستان پهرين اننگ ۾ 445 رنسون ٺاهيون، بابر اعظم هميشه جيان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي 143 رنسون ٺاهيون جڏهن ته شان مسعود به 100 رنسون ٺاهي ورتيون، ٻين رانديگرن ۾ حارث سهيل 75، اسد شفيق 65 ۽ اظهر علي 34 رنسون ٺاهيون.

پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان کي مهمانن مٿان 86 رنسن جي سرسي حاصل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.