ڪراچي ۾ رولو ڪتن هڪ ڏينهن ۾ 47 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رولو ڪتن جي چڪڻ جي واقعن ۾ واڌ ٿي وئي آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ مختلف علائقن ۾ ڪتن جي چڪڻ جا 47 ڪيس رپورٽ ٿيا.

ڪراچي ۾ رولو ڪتن جي ڪري ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. شهر جي مختلف علائقن ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 47 ڄڻن ڪتن جي چڪڻ سبب زخمي ٿيا.

 صحت کاتي جو چوڻ آهي ته جناح اسپتال ۾ ڪتن جي چڪڻ سبب 11 زخمي، انڊس اسپتال ۾ 25، لياري جنرل اسپتال ۾ 1 ٻارڙي سميت 7 ڄڻا آندا ويا جڏهن ته عباسي شهيد اسپتال ۾ هڪ ٻارڙي سميت 4 ڄڻن کي آندو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.