سنڌ حڪومت جو 17 سالن کان پوءِ صوبي ۾ رهندڙ افغانين جي رجسٽريشن جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سترنهن سالن کان پوءِ غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي نئين سر رجسٽريشن جو فيصلو ڪيو آهي.

سڄي سنڌ ۾ افغانين جو انگ چار لک کان وڌيڪ آهي جنهن مان رڳو 63 هزار افغانين جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي ان ضمن ۾ لاڳاپيل صوبائي، وفاقي کاتن ۽ جاچ ادارن سان ڳالهيون ڪري شروعاتي جاچ شروع ڪري ڇڏي ۽ پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ افغانين جي باري ۾ ڄاڻ گڏ ڪئي پئي وڃي ته ڪهڙن ماڳن تي افغانين جون آباديون آهن شروعاتي طور تي ڪم مڪمل ٿيڻ ۽ سيڪيورٽي ڪليئرنس کان پوءِ سنڌ ۾ رهندڙ افغانين جي رجسٽريشن ڪئي ويندي.

ٻئي مرحلي ۾ افغانين کي مخصوص ڪيمپ تائين محدود ڪيو ويندو. سنڌ جي گهرو کاتي جي اختيارين موجب غير قانوني طور تي رهندڙ ۽ رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ افغانين بابت ڪا به ڊيٽا موجود ناهي جنهن ڪري سنگين قانوني ڏکيائيون ۽ مسئلا پيدا ٿيندا آهن.

پاڪستان ۾ افغان مهاجرن جي آمد جو سلسلو شروع ٿئي ڪيترائي ڏهاڪا گذري چڪا آهن پر 2003ع کان باضابطا رجسٽريشن ناهي ٿي سگهي. ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ هڪ محتاط اندازي موجب چار لک کان وڌيڪ افغاني موجود آهن.

ذريعن موجب سنڌ حڪومت ڪيترن ئي سالن کان رهندڙ افغانين جي خلاف ڪارروائي ڪئي آهي ۽ نه انهن کي گرفتار ڪري ڊي پورٽ ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.