غير قانوني اڏاوتن جو معاملو: سنڌ حڪومت عدالتي حڪمن تي عمل ڪندي

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سُڌ سماءَ واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ڪراچي جي حوالي سان چيف جسٽس گلزار احمد جي حڪمن ۽ سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي عمل ڪنداسين.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته پهريان ڪم ڪرڻ ۾ ٻيون رنڊڪون اچي وينديون هيون مثال طور نهر خيام تي ڪم ڪرڻ چاهيون پيا ۽ ان لاءِ ڪجهه الاٽمنٽس کي رد ۽ حددخلين کي هٽايو به ويو پر ان منصوبي تي حڪم امتناع اچي ويو.

اهڙي طرح هن هڪ ٻي منصوبي جو ذڪر ڪيو جنهن تي حڪم امتناع آيو هو ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ ماتحت عدالت جا فيصلا ڪالعدم ٿي ويندا جنهن سان اسان کي مدد ملندي ۽ ان قسم جي جون گھڻيون شيون آهن جن تي عمل ڪيو ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته غير قانون اڏاوتن ۾ ڪيترائي ماڻهو ملوث هوندا آهن، ڪجهه عرصو اڳ گھڻي ڇنڊ ڇاڻ ٿي هئي جنهن ۾ ڪيتريون ئي بدليون ۽ مقرريون ڪئي ويون هيون ۽نگران ڪميٽي به بڻائي وئي هئي جڏهن ته 900 کان وڌيڪ غير قانون اڏاوتن کي ختم ڪيو ويو هو.

غير قانوني اڏاوتون ڪيرائڻ بابت هن چيو ته اهڙيون عمارتون جڪتي ماڻهون نٿا رهن پهرين مرحلي ۾ انهن کي ڪيرايو ويندو جڏهن ته ٻين مرحلي ۾ انهن عمارتن کي ڪيرايو ويندو جتي ماڻهو رهن ٿا پر انساني همدردي تحت پهريان انهن کي متبادل جاءِ فراهم ڪئي ويندي.

ناصر شاهه جو چوڻ هو ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو 9 مئي وارو هڪ فيصلو به آهي جتي ماڻهو رهن ٿا انهن کي ان وقت تائين نه هٽايو وڃي جيستائين انهن کي متبادل جاءِ تي منتقل نٿو ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته رڳو اهو هڪ مسئلو آهي ان کان سواءِ سپريم ڪورٽ جا جيڪي به حڪم آهن انهن تي عمل ڪيو ويندو.

صوبائي وزير چيو ته چيف جسٽس گھڻيون اهڙيون شيون چيون جيڪي اسان لاءِ گھڻيون مددگار آهن، اسان چيف جسٽس جي ويزن ۾ سندس گڏ آهيون.

هن چيو ته ڪراچي هڪ وڏو شهر آهي جتي اڃا به ڪيتريون ئي غير قانوني اڏاوتون جاري ٿينديون، ان سلسلي ۾ شڪايتن جو هڪ نظام به جوڙيو ويو آهي ۽ ون ونڊو آپشن به قائم ڪيو ويو آهي جنهن کي عالمي بينڪ جي سهڪار سان بهتر بڻايو پيو وڃي.

ڪچين آبادين جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ ناصر شاهه چيو ته قديم ۽ ڪچين آبادين کي ريگيولرائيز ڪيو ويو آهي پر بلڊرن طرفان قبضن سبب معاملا خراب ٿيا.

ماضي جي خوصبورت ڪراچي جي تباهي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته چيف جسٽس قابل احترام آهي آئون سندس بيان تي ڪو به تبصرو نه ڪندس پر ماضي ۾ ڪراچي جي آباد گھڻي گھٽ هئي ۽ هاڻ صورتحال مختلف آهي.

هن اميد ظاهر ڪئي ته چيف جسٽس ڪراچي شهر جيان شهر ۾ رهندڙ اهڙن غير قانوني پناهه گيرن جي حوالي سان به ڪو ايڪشن ڪڻندو جن جو پاڪستان سان ڪو به واسطو نه آهي.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته ڪچين آبادين کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان جامع پروگرام جوڙيو پيو وڃي جنهن لاءِ 2 کان 4 آبادين کي ماڊل آبادي بڻايو وڃي ۽ ان کان پوءِ بهتري ايندي.

آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي تبديلي جو معاملو حل نه ٿيڻ بابت سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته صوبي ۽ وفاق جي پوزيشن سڀني کي خبر آهي ته واعدو ڪرڻ باوجود ان معاملي کي تڪراري بڻايو ويو آهي.

ناصر شاهه مسئلو جلد حل ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪندي چيو ته وفاق1 طرفان فرق رکيو پيو وڃي، ٻين صوبن ۾ فوري طور تي 4 کان 5 آءِ جي تبديل ٿي ويندا آهن پر سنڌ ۾ ناهن ٿيندا ۽ ان جو سبب اهو آهي ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ناهي.

هن هڪ ڀيرو وري آءِ جي سنڌ لاءِ موڪلڻ وٺڻ جي تجويز کي ورجايو ته جيئن معاملو حل ٿئي.

وفاق طرفان فنڊ روڪڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته هلندڙ مالي سال ۾ اڃا تائين سنڌ حڪومت کي هڪ کرب 35 ارب رپيا گھٽ ڏنا ويا جنهن جو واٰضح اثر جاري ترقياتي منصوبن تي پوندو.

ناصر شاهه چيو ته جيڪڏهن سڄي پاڪستان ۾ اوهان کي ڪٿي ترقياتي ڪم نظر ايندو ته اها سنڌ آهي جتي ترقياتي منصوبن پڄاڻي جي مرحلن ۾ آهن ۽ ڪجهه مڪمل ٿي چڪا آهن جن جو افتتاح پ پ چيئرمين ڪيو هو.

هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جون 131 اسڪيمون جاري آهن، جنهن ۾ ڪراچي جون 17 اسڪيمون آهن جن جو ايندڙ مهينن ۾ افتتاح ڪيو ويندو، جون تائين اهي سموريون اسڪيمون مڪمل ٿي وينديون جڏهن ته 11 نوان منصوبا ڪراچي لاءِ تجويز ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.