ڇا آءِ جي سنڌ لاءِ مشتاق مهر جو نالو فائنل ٿيو …؟ اهم خبر پڙهندا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪئي جنهن ۾ انسپڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس سنڌ جي لاءِ مشتاق مهر جو نالو طئي ڪيو ويو.

وزير اعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي ۽ صوبي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ذريعن موجب ٻنهي جي ملاقات ۾ آءِ جي سنڌ جي لاءِ مشتاق مهر جو نالو طئي ڪيو ويو آهي جنهن بابت سنڌ حڪومت کي آگاهه ڪيو ويندو.

سنڌ جي گورنر جي تريد:

ٻئي پاسي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان سان اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي  جنهن ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي ڳالهيون ٿيون.

هن مشتاق مهر جو نالو فائنل ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي چيو ته هن وقت تائين آءِ جي سنڌ جو نالو فائنل ناهي ٿي سگهيو، سنڌ حڪومت طرفان آءِ جي سنڌ جي لاءِ 5 نالا موڪليا ويا هئا.

سنڌ جي گورنر جو چوڻ هو ته وزير اعظم کي سنڌ انفرااسٽريڪچر ڊيولپمنٽ ڪمپني لميٽڊ جي تحت مڪمل ٿيندڙ منصوبن جي افتتاح جي دعوت ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.