سنڌ جي وڏي وزير جو ڪراچي لاءِ 7 ارب جي نين اسڪيمن جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي کي وڌيڪ خوبصورت ۽ رهائش جوڳو بڻائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 7 ارب رپين جا وڌيڪ 11 منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڏاوت ٿيندڙ منصوبن ۽ نين اسڪيمن جي حوالي سان ڪوٺايل هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ هڪ چيو ته ڪراچي ۾ سالياني ترقياتي منصوبا (اي ڊي پي) جي تحت 40 ارب 60 ڪروڙ رپين جون 449 اسڪيمون اڏاوت هيٺ آهن.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي کي وڌيڪ خوبصورت ۽ رهائش جوڳو شهر بڻائڻ جي لاءِ 7 ارب رپين جون 11 نيون اسميڪون شروع ڪري رهيا آهيون.

اجلاس ۾ بلديات وارو صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، سيڪريٽري فنانس حسن نقوي، سيڪريٽري بلديات روشن شيخ، ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ڪي ڊي اي، واٽر بورڊ جو ايم ڊي اسد الله خان ۽ ڪراچي پيڪيج جو خالد مسرور به شريڪ ٿيو.

مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه بريفنگ ۾ چيو ته وڏي وزير جي نشاندهي تي 11 نين اسڪيمن جي ترجويز ڏني وئي آهي.

انهن اسڪيمن ۾ شاهراهه نورجهان عبدالله ڪاليج کان قلندريه ڍچوڪ تائين ۽ شاهه جهان ايونيو واٽر پمپ کان قلندريه چوڪ تائين روڊ ۽ ٻوڏ جي پاڻي جي نالن جي بحالي شامل آهي.

ڪراچي جي لاءِ تجويز ڪيل نين اسڪيمن ۾ صفورا چوڪ تي فلاءِ اوور، جهانگيري چورنگي تي پل، گريڪس ويلج کان وائي جنڪشن تائين روڊ سميت ٻوڏ جي پاڻي جي نالن جي اڏاوت به شامل آهي.

پيپلز چورنگي کان بينڪ تائين ٻوڏ جي پاڻي جي نالي ۽ سيد رئيس احمد جعفري روڊ جي اڏاوت، اسٽار گيٽ تي انڊر پاس، گارڊن روڊ تي پل، نيشنل اسٽيڊيم وٽ پير صبغت الله شاهه راشدي روڊ تي انڊر پاس بڻائڻ جي به تجويز غور هيٺ آهي.

صوبائي وزير طرفان ڏنل بريفنگ ۾ جن اسڪيمن جي حوالي سان چيو ويو انهن ۾ سپريم ڪورٽ واري پاسي روڊ جي اڏاوت ۽ ايمپريس مارڪيٽ جي مرمت سميت ڄاڻايل سمورين اسڪيمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئيوئي ۽ اصولي منظوري ڏني وئي.

وڏي وزير پي اينڊ ڊي جي چيئرمين، سيڪريٽري بلديات ۽ ڪراچي پيڪيج جي سربراهه کي گڏجي ويهي اسڪيم تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جيئن انهن جي منظوري وقت تي ٿئي ۽ فوري طور تي ڪم ڪيو وڃي.

ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي پيڪيج جي تحت 40 ارب 60 ڪروڙ جي اڏاوت هي۾ 449 اسڪيمن جي لاءِ 15 ارب 14 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن.

سيد مراد علي شاهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جاري ڪيل 15 ارب رپين مان رڳو 7 ارب 1 ڪروڙ رپيا اسپتال ڪيا ويا آحن.

اجلاس ۾ اسٽيڊيم روڊ جيان مختلف روڊن کي خوبصورت بڻائڻ، ڪڪري گرائونڊ جي ٻيهر اڏاوت، روڊن جي تعمير، نارٿ ناظم آباد پارڪ جي بهتري جو به فيصلو ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.