فنڪارا صنم ماروي مڙس کان الڳ ٿيڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪوڪ اسٽوڊيو جي مقبول گانن ۾ پرفارم ڪندڙ سنڌ جي ناليواري فنڪارا صنم ماروي مڙس کان الڳ ٿيڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

صنم ماروي لاهور جي فيملي ڪورٽ ۾ مڙس حامد علي کان خلع وٺڻ جو لاءِ درخواست داخل ڪئي.

درخواست ۾ صنم ماروي موقف اختيار ڪيو ته مڙس حامد علي سان 2009ع ۾ شادي ٿي پر شادي جي ڪجهه عرصي کان پوءِ مڙس جو رويو تبديل ٿي ويو هو، مڙس ٻارن جي سامهون گاريون ڏيندو ۽ ماريندو آهي، آئون رڳو ٻارن جي ڪري مڙس جو ظلم برداشت ڪري رهي هيس.

صنم ماروي جو چوڻ هو ته مڙس مار ڪٽ دوران هڪ ڀيرو ڳلو دٻائڻ جي به ڪوشش ڪئي پر هان مڙس سان وڌيڪ رهڻ ممڪن ناهي.

فنڪارا مڙس کان الڳ ٿيڻ لاءِ عدالت کان خلع جي ڊگري جاري ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

واضح رهي ته فنڪارا جي مڙس حامد علي بهلول سان ٻي شادي آهي جنهن مان هن کي 3 ٻار آهن جڏهن ته هن جي پهرين شادي آفتاب احمد سان ٿي هئي جنهن کي 2009ع ۾ ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.