ڪورونا وائرس: ڏک جي هن گهڙي ۾ چين سان گڏ آهيون: مهوش حيات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات چين ۾ پکڙجندڙ ڪورونا وائرس جي حوالي سان پاڙيسري ملڪ سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڏک جي هن وقت ۾ هو چين سان گڏ بيٺل آهي.
مهوش حيات سوشل ميڊيا تي چهري تي ماسڪ پاتل هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ ماڻهن کي چين ۾ پکڙجندڙ ڪورونا وائرس جي خطري بابت آگاهه ڪندي احتياط ڪرڻ جو مشورو ڏنو.
مهوش حيات پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪورونا وائرس جي سمورن متاثرن جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان چين سان گڏ آهيان ۽ اميد ٿي ڪريان ته جلد ئي ان وائرس جو خاتمو ڪيو ويندو.
واضح رهي ته چين جي شهر ووهان ۾ پکڙجندڙ ڪورونا وائرس سموري چين ۾ پکڙجي چڪو آهي ۽ هيل تائين ان جي نتيجي ۾ 490 ماڻهو فوت جڏهن ته هزارين ماڻهو ان وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.