نبيل ظفر پاڪستان اسڪرين ايوارڊز ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مشهور اداڪار نبيل ظفر دبئي ۾ ٿيندڙ پاڪستان انٽرنيشنل اسڪرين ايوارڊز ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو.
نبيل ظفر شو ۾ شرڪت کان انڪار ڪندي چيو ته شو جي انتظاميه مون سان رابطو ڪيو ۽ ايونٽ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي، مون جيان ٻين ساٿين کي به ايونٽ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو پر اوچتو انتظاميه پاران رابطو ختم ڪيو ويو ۽ اسان سڀ پريشان ٿي وياسين ۽ هاڻي سڀ اهو سوال ڪري رهيا آهن ته ڇا آئون دبئي ۾ ٿيندڙ ايوارڊ جو حصو بڻجندس يا نه.
هن چيو ته انتظاميه غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو جنهن سان اسان کي ڪافي مايوسي ٿي ان رويي سبب مون ۽ منهنجي ٻين ساٿين جي بي عزتي ٿي جنهن ڪري انهن مداحن کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو جن شو ۾ اسان سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽون ورتيون آهن، ته آئون ان شو ۾ شرڪت ناهيان ڪري رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.