والدين کان 2 لک رپيا ڦٻائڻ لاءِ اغوا جو ڊرامو ڪندڙ خيرپور جو نوجوان ڪراچي مان گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) خيرپور جي شاگرد پنهنجي ئي وارثن کان 2 لک رپيا ڦٻائڻ لاءِ پنهنجي اغوا جو ڊرامو ڪيو.

ڪيس داخل ٿيڻ تي پوليس بازياب ڪري شاگرد کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. خيرپور پوليس ۽ ڪراچي ۾ اينٽي وائيلنٽ ڪرائم سيل جي ذريعن موجب هڱورجا ڊگري ڪاليج خيرپورجو شاگرد محمد حسين ڀٽو ٽي ڏينهن اڳ پراسرار طور تي گم ٿي ويو هو.

نوجوان پنهنجي موبائيل فون مان وارثن کي ڪال ڪري اطلاع ڏنو ته هن کي 4 اڻڄاتل جوابدارن اغوا ڪري ورتو آهي ۽ گاڏي ۾ وجهي اڻڄاتل هنڌ ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن.

ايندڙ ڏينهن محمد حسين ڀٽو پنهنجي ئي موبائل فون تان گهر وارن کي ڪال ڪري آزادي لاءِ جوابدار طرفان 2 لک رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ جو ٻڌايو. پوليس ذريعن موجب وارثن خيرپور ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.

ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ خيرپور پوليس جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان جاچ ڪئي ته جوابدار جي لوڪيشن ڪراچي جي علائقي صدر جي ملي.

خيرپور پوليس جي جاچ پارٽي ڪراچي پهتي ۽ اينٽي وائلينٽ ڪرائم سيل سان رابطو ڪيو. اينٽي وائيلنٽ ڪرائم سيل ڪراچي ۽ خيرپور پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري نوجوان محمد حسين ڀٽو کي ڪنهن مزاحمت يا جوابدارن سان مقابلي کان سواءِ ئي صدر جي علائقي ۾ هڪ خالي عمارت مان بازياب ڪيو.

اناڙي نوجوان کان پوليس روايتي انداز ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي ته هن پاڻ کي سچ اوڳاڇي ڇڏيو.

پوليس ذريعن موجب جوابدار بيان ڏنو آهي ته هن پنهنجي والدين کان پيسا ڪڍرائڻ لاءِ اِهو ڊرامو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.