پريشانين جي ور چڙهيل گل پوکيندڙ آبادگار ۽ هاري

حسيب لطيفي

حيدرآباد ضلعي جو ٻهراڙي تي مشتمل تعلقو ٻهراڙي جتي معدني وسيلن سان مالا مال آهي، اتي زراعت جي حوالي سان به وڏي اهميت رکي ٿو، پر جڏهن زراعت جي ڳالهه ڪجي ته حيدرآباد تعلقو ٻهراڙي وري گلن جي خوشبو طور به سڃاتو وڃي ٿو، هن تعلقي ۾ ماڻهن کي خوشحال رکڻ لاءِ اهي سمورا قدرتي وسيلا موجود آهن، جيڪي انسان جون گهرجون آهن، پر هن علائقي جي بدنصيبي اها به رهي آهي ته هن علائقي جي ڪابه مالڪي ناهي ٿي، تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جي مالڪي جي ڳالهه ڪرڻ ته هڪ الڳ موضوع آهي، پر آئون گلن جي حوالي سان هتي پنهنجي ڳالهه رکندس.

حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جو هٽڙي وارو علائقو جيڪو گلن جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ واڻڪي وسي ۾ به گلابن جا گل تمام وڏي ايراضي ۾ پوکيل آهن، پر هن وقت اتان جا آبادگار مايوسي جو شڪار آهن، گل جيتوڻيڪ دنيا ۾ خوشين توڙي غمين ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، پر هتان جي آباگارن ۽ هارين کي گلن جو مناسب اگهه نٿو ملي، جيتوڻيڪ هتي گلاب جو گل کهڻو ٿئي ٿو، پر ان سان گڏ موتئي ۽ گيڊي جو گل به هتي ٿئي ٿو، پر آبادگار جڏهن پرهه ڦٽيءَ مهل گلن جي پٽائي ڪري مارڪيٽ وڃن ٿا ته مارڪيٽ ۾ کين مناسب اگهه نٿو ملي، جنهن ڪري هن وقت هي آبادگار پريشاني جو شڪار آهن، ڇاڪاڻ جو گل ايتري نازڪ پوک آهي، جنهن ۾ آبادگار ڏينهن رات محنت ڪن ٿا.

گل جيڪڏهن وقت سر نه پٽيا وڃن ته هو ڪوماڻجي سڪي وڃن ٿا ۽ جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ اگهه نه ملي ته محنت ڪندڙ هاري خاندانن جو وڏو نقصان ٿئي ٿو، ٻڌايو وڃي ٿو ته گلاب جي گلن جي هڪ جريب تي هاري جو سمورو خاندان محنت ڪري ٿي ۽ گلن جي ٻوٽن کي پنهنجي اولاد جيان پالي ٿو ۽ اهو هڪ جريب هڪ گهر کي پالي سگهي ٿو، پر هن وقت انهن آبادگارن جي گهر جو گذر سفر به مشڪل ٿي ويو آهي.

گل پوکيندڙ آبادگار پنهنجي پوري خاندان سان گڏ ان  تي محنت ڪري ۽ صبح جو سويري پنهنجي ٻارڙن سان جيڪي ٻارڙا اسڪول وڃڻ کان اڳ گل کي پٽين ٿا ۽ پوءِ اسڪول وڃن ٿا اهو ٻارڙا جيڪي پاڻ گلن جيان نازڪ آهن اهي ٻارڙا گل پٽي منڊين ۾ موڪلين ٿا، پر هنن غريب آبادگارن ۽ هارين جي ان منڊي ۾ ڪابه سگهه نه هجڻ ڪري کين مناسب اگهه نٿو ملي، هن مهانگائي جي دور ۾ جتي هر شيءِ چوٽ چڙهيل آهي اتي هي گل پوکيندڙ آبادگار به گلن جي پوکي تي تمام گهڻو خرچ ڪرڻ کانپوءِ ٻٽي پريشاني ۾ مبتلا آهي، يوريا ڀاڻ سميت مختلف ڀاڻ آهن يا دوائون آهن، جن جا اگهه تمام گهڻا وڌي ويا آهن، پر گلن جو جيڪو اگهه آهي، اهو 2016 کان هن وقت تائين ٻڌي ريٽ ۾ آبادگار کان 40 روپيا في ڪلو ۾ خريد ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ 300 تائين جو گلاب جي گلن جو اگهه هلي رهيو آهي، جيڪا آبادگار سان وڏي ناانصافي آهي.

ان سلسلي ۾ مقامي تنظيم سنڌ سجاڳي فورم حيدرآباد ٻهراڙي جي آبادگارن کي گلن جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف آبادگارن سان گڏجي مسلسل تحريڪ هلائي رهي آهي. آبادگار اهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ گلن جو في ڪلو اگهه 60 مقرر ڪيو وڃي ته جئين هو پنهنجي گهر جو گذر سفر ڪري سگهن، سندن اهو به چوڻ آهي حيدرآباد تعلقي بهراڙي ۾ آبادگار جي ڪا گڏيل تنظيم نه هجڻ ڪري به آبادگار کي تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو ۽ سندن منڊين ۾ قدر نٿو ڪيو وڃي، جنهن ڪري هو پنهنجا مطالبا به اڳيا نٿا رکي سگهن ۽ نتيجي طور هو گهڻن مسئلن جي ور چڙهيل آهن.

You might also like
1 Comment
  1. پير محمد نوناري says

    بهترين لکڻي پياري حسيب لطيفي جي جنهن مزدور ۽ پيڙهيل طبقي جي نمائندگي ڪئي پنهنجي صحافت جي حوالي سان

Leave A Reply

Your email address will not be published.