ٿر ۾ قبرستان بڻجي ويل آر او پلانٽن جو ذميوار ڪير

غازي بجير

ٿرپارڪر سنڌ جو اهو خطو آهي، جيڪو ڏُڪارن، قدرتي آفتن، خودڪشين توڙي ماڪڙن جي حملن سبب متاثر ٿيل آهي، هي ضلعو ستن تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ڪلوئي، ڇاڇرو، ننگر پارڪر ۽ ڏاهلي تي مشتمل 17 لک آبادي وارو هي ضلعو سدائين مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيندو پيو اچي، جنهن ۾ اهم مسئلو آهي، انساني زندگي لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو، جيڪو پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين حل ناهي ٿي سگهيو، ٿر ۾ 95 سيڪڙو ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن، 95 سيڪڙو ڳوٺن ۾ اڄ به رهواسي جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. اُنهيءَ سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران ڪجھ سال اڳ ٿر جي کاري پاڻي کي مٺو بڻائڻ لاءِ ٿر ۾ ساڍا 7 سئو آر او پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن بعد اربين روپين جي لاڳت سان اهي پلانٽ لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، جنهن جو ٺيڪو هڪ نجي پاڪ اوسيئس ڪمپني جي حوالي ڪيو ويو، مختلف ڳوٺن ۾ پلانٽس لڳايا ويا، انهيءَ سان گڏ مٺي ۾ ايشيا جو سڀ کان وڏو آر او پلانٽس ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ٻيو نمبر وڏو آر او پلانٽس به لڳايا ويا، انهيءَ سان گڏ باقي شهرن سميت ڳوٺن ۾ به آر او پلانٽس قائم ڪيا ويا، پر انهيءَ منصوبي کي ڪيترائي سال گذري وڃڻ باوجود مڪمل پلانٽس لڳي ناهن سگهيا ۽ ڪمپني ساڍا 7 سئو آر او پلانٽس لڳائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، چار سئو جي لڳ ڀڳ اندازن پلانٽس لڳي چڪا آهن، اهي به ناڪاره بڻجي ويا آهن، باقي رهيل پلانٽس سرزمين تان ئي غائب آهن. انهن جو ڪو به ڏس پتو ناهي ملي سگهيو، باقي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ آر او پلانٽس جي مشينري سڙي ختم ٿي رهي آهي، پر اتي پلانٽس لڳايا ناهن ويا، سامان جيئن ئي ڪنٽينرن ۾ رکيو ويو آهي، ائين ئي پيل آهي.

جيتوڻيڪ آر او پلانٽس مان ٿرين کي ڪو فائدو نه پهتو پر ان جي باوجود سنڌ حڪومت سڄي ملڪ ۾ اهو راڳ آلاپيو ته ٿر ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪري مٺي ۾ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو آر او پلانٽس لڳايو ويو آهي، جنهن جو ذڪر پ پ جا اڳواڻ سنڌ اسيمبلي کان ويندي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي فلورن تي ڪندا رهيا آهن، انهيءَ سان گڏ هو هر پريس ڪانفرنس ۾ وفاقي حڪومت تي تنقيد جا تير وسائيندي وڏي فخر سان دعويٰ ڪندا رهيا آهن ته اسان ٿرين جي پاڻي جو مسئلو حل ڪري اربين روپين جا آر او پلانٽس لڳايا آهن، پر ڪير اچي ٿر ۾ ڏسي ته سمورو ڪم سندن دعوائن جي ابتڙ آهي، آر او پلانٽس منصوبي کي صرف ڪرپشن جي ورچاڙهيو ويو، اربين روپين جا پلانٽس لڳائي ڪرپشن ڪئي وئي پر منصوبو عوام کي ٽڪي جو به فائدو ناهي ڏئي سگهيو، صرف پ پ جي ڪامورن ۽ ڄاڻايل ڪمپني کانسواءِ ماڻهن کي ڪو فائدو ناهي ٿيو، هن وقت سمورو منصوبو ناڪام ٿيڻ بعد ٿر واسين پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي لاءِ پريشان آهن، ٿر ۾ قائم ٿيل آر او پلانٽس بابت سنڌ حڪومت جي آڊٽ رپورٽ ۾ به اهم انڪشاف ڪيا ويا هئا.

چوڻ جو مقصد ته ٿر ۾ لڳايل آر او پلانٽس ناڪام ٿيڻ بعد هن وقت ٿري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، انهي وچ ۾ سنڌ حڪومت آر او پلانٽس پبلڪ هيلٿ کاتي کي هلائڻ لاءِ ڏنا، پر پبلڪ هيلٿ کاتي سميت پاڪ اوسيئس ڪمپني جي فنڊنگ واري جهيڙي ويتر مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، آر او پلانٽس تي ڪم ڪندڙ 7 سئو ملازمن کي 5 مهينن کان پگهار ناهي ملي، جنهن سبب هو مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهي، ائين اهي ملازم دربدر ٿي ويا آهن، جن جي گهرن ۾ انهن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، پر سنڌ حڪومت انهي مسئلي تي ڪو به ڌيان ناهي ڏنو، جنهن سبب آر او پلانٽس تي ڪم ڪندڙ ملازمن رهيل پلانٽس به بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب ويتر معاملا خراب ٿي ويا آهن، آر او پلانٽس پبلڪ هيلٿ کاتي حوالي ٿيڻ باوجود ڪو به سُڌارو ناهي اچي سگهيو، پاڻي واري معاملي تي سپريم ڪورٽ پاران پاڻي ڪميشن قائم ڪئي ويئي، جنهن به مختلف وقتن تي دورا ڪري سفارشون ڏنيون، آر او پلانٽس کي بهتر نموني سان هلائڻ جون تجويزون ڏنيون ويون، پر مقامي سطح تي انتظاميا جي گهٽ دلچسپي سبب انهن تي ڪوبه عمل ناهي ٿي سگهيو،

تازو سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ مختلف وقتن تي بند پيل آر او پلانٽس بابت عوامي آواز ۾ لڳندڙ خبرن جو نوٽيس وٺندي انهيءَ جي جاچ ڪرائي، سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ پاران ڪيل جاچ ۾ به ساڳئي صورتحال نظر آئي، نيٺ سيشن جج ٿرپارڪر پاران ٿر ۾ غير فعال پيل آر او پلانٽس بابت چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ کاتي، ڊي سي ٿرپارڪر کان انهي جي وضاحت طلب ڪندي هڪ ليٽر لکيو آهي، جيڪو ليٽر سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي به موڪليو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران جوڙيل پاڻي ڪميشن جي ڏنل حڪمن تي به عمل ناهي ڪيو ويو ۽ غير فعال آر او پلانٽس ٺيڪ ناهن ڪيا ويا، جيڪو عدالتي حڪمن جي توهين آهي. چوڻ جو مطلب ته اُهي ڪهڙيون مافيائون آهن، جيڪي ڪمن ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن، آخرڪار اربين روپين جي هن پروجيڪٽ جي ناڪامي جو ذميوار ڪير آهي، سنڌ حڪومت خاموش ڇو آهي، عوام جا اربين روپيا ائين ڪرپشن جي ورچڙهي ويا، منصوبي تي حڪومت جو ڪو به ڌيان نه آهي.

آر او پلانٽس لڳڻ وقت پ.پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ٻين کي مثال ڏيندا هئا ته ٿر ۾ کير جون نديون وهائي ڇڏيون آهن، اڄ اُهي سبب هن معاملي تي چُپ ڇو آهن، عوام کي جواب کپي ٿو، باقي ته ٺهيو افسوس اهو ٿئي ٿو ته ٿر ۾ ايترا چونڊيل نمائيندا آهن، جيترا شايد سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ نه هجن، هتي چونڊيل نمائندن، صلاحڪارن جو ڇيڙو ئي ناهي.

باقي ٻئي ڳالھ ڪجي ته ٿر جي 90 سيڪڙو علائقن ۾ اڄ به پيئڻ جي صاف مٺي پاڻي جي سهوليت موجود ئي ناهي، ٿر جي 26 سئو ڳوٺن مان چند ڳوٺن ۾ ته آر او پلانٽس ضرور لڳا آهن، پر انهن مان سوين پلانٽس ناڪاره ٿيڻ سان گڏ بند ٿي ويا آهن، باقي 2 هزار ڳوٺن جا رهواسي اڄ به کوهن جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، ٿري عورتون پنهنجي گهرن جو سمورو ڪم ڪار ڇڏي صبح ۽ شام کوهن تي وارو واري پاڻي ڀريندي نظر اچن ٿيون، کاري پاڻي جي واپرائڻ سبب ماڻهو مختلف بيماري جي ورچڙهي وڃن ٿا، جن ۾ اهم بيماري جيڪا هڏن جي بيماري آهي، ٿري 30 کان 40 سال جي عمر جا ٿيندي ئي هڏن جوڙن جي بيماري مبتلا ٿيو وڃن ٿا، ٿر جا کوهه جيڪي 160 کان ڪٿي ڪٿي 200 فوٽ اونها آهن، جن اندر ڪوس اُڇلائي کوهه جي منهن مٿي بيهي اندران ورت مان ڇڪجي ايندڙ ڪوس ۾ هٿ وجهي پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو، جنهن سبب پير ترڪڻ سبب ڪيتريون ئي عورتون توڙي مرد کوهن اندر ڪري فوت پڻ ٿي چڪا آهن، ٿر ۾ هاڻي ته پاڻي ڳولڻ به مشڪل ٿي پيو آهي.

ٿر ۾ هر اليڪشن ۾ ووٽن واري دور ۾ نمائندا ٿر جي هر ان علائقن ۾ ويندا آهن، جتي هو ووٽن جي لالچ ۾ اچي وڏا وڏا اعلان ڪندا آهن، پر اقتتدار ۾ پهچڻ بعد انهن اعلانن تي عمل ناهن ڪندا، سيٽن تان چونڊجي ويل نمائندا جيڪي سال ۾ هڪ دفعو مس مس شهرن جي دورن تي ايندا آهن، باقي هو نظر ناهن ايندا، جنهن سبب اتي جي عوام انهن جو چهرو ڏسڻ لاءِ پريشان آهي، ٿر ۾ هميشه اليڪشنن وقت جيڪي اعلان ڪيا ويا هئا، انهن اعلان مان ڪنهن تي عمل ٿيندي نظر نه ٿو اچي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻي ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو جلد حل ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.