سام سنگ جي ’’گيليڪسي ايس 20‘‘ ۾ حيرت انگيز ڪيمرائن جو امڪان

سيئول (ويب ڊيسڪ) مشهور موبائيل ڪمپني سام سنگ نئين فليگ شپ ‘‘گيليڪسي ايس 20’’ سيريز جون فونون ايندڙ هفتي متعارف ڪرائي رهي آهي ۽ اها ڪمپني جي سڀ کان مختلف ڊيوائس ثابت ٿيڻ جا امڪان آهن.
سام سنگ هن ڀيري گيليڪسي ايس 10 سيريز جي مقابلي ۾ گيليڪسي ايس 20 سيريز ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون آهن، پر ڪيميرا سسٽم سڀ کان نمايان آهي جيڪو اڄ تائين ان ڪمپني جي ڪنهن به موبائيل فون ۾ سامهون ناهي آيو.
ڪيميرا لاءِ سام سنگ پاران ڪيترائي ئي نوان فيچرز به ڏنا ويا آهن پر هاڻي هڪ ليڪ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گيليڪسي ايس 20 سيريز جي فون جون سموريون بيڪ ڪيمرائون هڪ وقت تي ٽي تصويرون ڪڍڻ لاءِ استعمال ٿي سگهنديون.
سام سنگ ايڪس ڊي اي ڊيويلپر جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته سام سنگ ان فيچر کي ‘‘ڪوئيڪ ٽيڪ’’ جو نالو ڏنو آهي جنهن جي مدد سان ايس 20 اسٽينڊرڊ جي بيڪ تي موجود ٽنهي ڪيمرائن کي ڪنهن به منظر جي تصوير وٺڻ لاءِ هڪ ئي وقت استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ پوءِ صارف جي مرضي هوندي ته هو ٽنهي تصويرون مان ڪنهن کي محفوظ ڪري سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.