’’فيس ريڪگنيشن‘‘ ٽيڪنالاجي سبب فيس بڪ مٿان 82 ارب رپيا ڏنڊ

الينواءِ (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ تڪراري چهري سڃاڻپ (فيس ريڪگنيشن) ٽيڪنالاجي تي ڪيل هڪ ڪيس جي حل طور 55 ڪروڙ ڊالر ڏنڊ ادا ڪندو، جيڪا رقم پاڪستاني رپين ۾ 82 ارب جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي.

اهو ڪيس فيس بڪ تي تصوير تي ماڻهن جي نالي ٽيگ ڪرڻ ۽ سڃاڻپ شروع ڪرڻ تي شروع ٿيو جيڪو هاڻي به يورپي ملڪن ۾ تڪراري قرار ڏنل آهي.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي ان ٽيڪنالاجي جي آمد کانپوءِ آمريڪي رياست الينواءِ جي شهرين فيس بڪ تي ڪيس داخل ڪيو هو ڇاڪاڻ ته اهو ماڻهن جي سڃاڻپ راز ۾ رکڻندڙ قانون جي ڀڃڪڙي هئي، اهو ڪيس 2015ع کان جاري هو جيڪو هاڻي نتيجي تي پهتو آهي.

واضح رهي ته آمريڪي پوليس اهلڪارن جي وردين تي ڪيميرا لڳل هوندا آهن پر ڪيترن ئي آمريڪي شهرن ۾ مقامي قانون جي بنياد تي اهو عمل به غير قانوني آهي.

پر هاڻي ان تڪرار جي حل لاءِ فيس بڪ 55 ڪروڙ ڊالر ادا ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.