چين کي ٻيو معاشي ڌَڪ، ايپل جو به آفيسون بند ڪرڻ جو اعلان

 

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) چين مان پکڙجندڙ پراسرار ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي گوگل کانپوءِ ايپل به پنهنجون سموريون آفيسون عارضي طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل چين جي مين لينڊ ۾ پنهنجون سموريون ڪارپوريٽ آفيسون، اسٽور ۽ ڪانٽيڪٽ سينٽر 9 فيبروري کان بند ڪندي، جڏهن ته آن لائن اسٽور کليل رهندا پر اهو واضح ناهي ته فاڪس ڪون جي انتظام هيٺ هلندڙ ايپل جون چيني فيڪٽريون به بند ٿينديون نه يا؟

ان کان اڳ مشهور سرچ انجڻ گوگل به چين ۾ پنهنجون آفيسون عارضي طور بند ڪري ڇڏيون هيون.

واضح رهي ته جتي ڪورونا وائرس چين ۾ موجود ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪيو آهي، اتي ئي چين کي معاشي طور به وڏو نقصان پهچايو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.