پهرين فيبروري کان ڪروڙين موبائيل فونن ۾ واٽس ايپ بند ٿيندو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ)پيغام رسائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ مشهور ترين ايپ”واٽس ايپ“پهرين فيبروري 2020ع کان ڪروڙين موبائيل فونن ۾ بند ٿي ويندو.

پهرين فيبروري کان سمورا آءِ فون جن ۾ (iOS7) آپريٽنگ سسٽم موجود آهي يا اهي اينڊرائيڊ فون جن تي 2.3.7 جنجر بريڊ آپريٽنگ سسٽم کان پهرين جو ڪو ورجن آهي انهن موبائيل فونن ۾ واٽس ايپ مڪمل طور بند ٿي ويندو.

گوگل جي انگن اکرن موجب 0.3 سيڪڙو اينڊرائيڊ ڊيوائسز هن وقت به جنجر بريڊ آپريٽنگ سسٽم تي هلي رهيا آهن جنهن جو مطلب اهو آهي ته سموري دنيا ۾ 2 ارب 50 ڪروڙ اينڊرائيڊ ڊيواسز مان 75 لک فون اڄ به جنجر بريڊ سسٽم آهن ۽ جيڪڏهن انهن کي اپگريڊ نه ڪيو ويو ته واٽس ايپ انهن ڊيوائسز ۾ نه هلندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.