هاڻ آءِ پيڊ کي اکين سان ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن..!

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جو عام استعمال ٿي رهيو آهي پر هر شخص انهن اهم ايجادن مان فائدو نٿو وٺي سگھي. هاڻ دنيا جي پهرين آءِ پيڊ پرو لاءِ هڪ ڪينسگ ٺاهي وئي آهي جيڪا اکين جي اشارن سان آءِ پيڊ جو مڪمل ڪنٽرول فراهم ڪري ٿي.

ان نظام کي اسڪائيل جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ سڀ کان اڳ اها سهولت ايپل آءِ پيڊ پرو ۾ شامل ڪئي وئي آهي. في الحال اها آءِ پيڊ پرو جي 12.9 انچ ورجن ٽيبليٽ سان گڏ ئي ڪم جي آهي.

آءِ پيڊ پرو ۾ اهو خواص شامل ڪرڻ لاءِ ان کي هڪ خاص قسم جي ڪينسگ ۾ رکيو ويو آهي جنهن ۾ حساس سينسر لڳل آهي جيڪو ٻنهي اکين جي پُتلين جي حرڪت کي نوٽ ڪندو رهندو آهي.

اهڙي طرح جي رابطي کي آگمينٽو ايند آلٽرنيٽو ڪميونيڪيشن (اي اي سي) جو نالو ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.