فيس بڪ ۾ نئون فيچر متعارف

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ 2 سال اڳ ڪيل واعدو پورو ڪندي فيس ۾ هسٽري صاف ڪرڻ جو بٽڻ متعارف ڪرائي ڇڏيو.

اهو فيچر واهپيدارن کي برائوزنگ هٽري ڊليٽ ڪرڻ جي سهولت لاءِ فراهم ڪري ٿو، جيئن ڪمپني اشتهارن کي پرسنلائيز ڪرڻ لاءِ ان کي استعمال ڪندي آهي ۽ هاڻ اهو آخرڪار سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.

فيس بڪ طرفان ان کي ”آف فيس بڪ ايڪٽوٽي ٽول جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو ٿرڊ پارٽي سائيٽس جي ڊيٽا جي سمري (جهڙوڪ ٽاگيٽڊ اشتهارن کي ڏسڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي) ۽ ڊيٽا اڏائڻ جو آپشن ڏنو ويو آهي.

اوهان ان کي فيس بڪ موبائل ايپ يا ڊيسڪ ٽاپ سائيٽ جي سيٽنگز مينيو ۾ يور فيس بڪ انفارميشن جي سيڪشن ۾ دريافت ڪري سگهو ٿا جتي اِهو آف فيس بڪ ايڪٽوٽي جي نالي سان موجود هوندو.

ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان اوهان انهن سمورين ويب سائيٽن ۽ ايپس جي فهرست ڏسي سگھندا جيڪا فيس بڪ ان وقت ٽريڪ ڪئي هوندي جڏهن اوهان فيس بڪ کي استعمال ناهيو ڪندا.

هي به پڙهي سگھو ٿا:آسٽريلوي ۽ آمريڪي سائنسدانن نئون ’’ڊريڪولا‘‘ گرهه دريافت ڪري…

حقيقت ۾ ان فهرست کي ڏسي اوهان دنگ رهجي ويندا ته آخر فيس بڪ کي اوهان جي آن لائين سرگرمين بابت ڪيتري حد تائين ڄاڻ حاصل آهي.

فيس بڪ جي ان فهرست ۾ اهو به درج آهي ته اوهان ڪنهن ويب سائيٽ تي ڪيترا ڀيرا ۽ ڪهڙي ڪهڙي ڪهڙي وقت وزٽ ڪيو ۽ ڪنهن به نالي تي ڪلڪ ڪرڻ تي ٻڌايو ويندو ته ڪمپني کي ان جي خبر ڪيئن پئي ۽ هو ان ڄاڻ سان ڇا ڪري سگھن ٿا.

جيڪڏهن اوهان ان ڊيٽا کي صاف ڪرڻ چاهيو ٿا ته سڀ کان مٿي ڪليئر هسٽري جو بٽڻ موجود هوندو جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان فيس بڪ طرفان خبردار ڪيو ويندو ته ائين ڪرڻ سان اوهان انهن سروسز مان لاگ آئوٽ ٿي سگھو ٿا جن ۾ اوهان فيس بڪ ذريعي لاگ ان ٿيندا آهيو.

فيس بڪ طرفان ڊيٽا حاصل ڪرڻ جو سلسلو ان صفائي بعد به جاري رهندو ۽ اهو ان وقت بيهندو جڏهن اوهان آپٽ آئون جو آپشن استعمال نه ڪندئو  جيڪو مينيج فيوچر ايڪٽوٽي ۾ لڪيل هوندو ۽ ويب سائيٽ ورجن جي سڄي پاسي موجود هوندو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:موٽرولا گليڪسي نوٽ جهڙو فون متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار

جيڪڏهن اوهان ڊيٽا ڪليڪشن آف ڪندئو ته فيس بڪ طرفان اوهان کي چيو ويندو ته اوهان کي ايترا ئي اشتهار نظر ايندا جيترا پهريان ڏسي رهيا هئا، پر اهي گھٽ پرسنلائزڊ هوندا.

۽ ها اها ڊيٽا اوهان جي اڪائونٽ مان نه هئڻ جي برابر ڊس ڪنڊٽڊ هوندي ۽ مڪمل طور تي فيس بڪ سروسز مان ڊليٽ نه ٿيندي، ائين فيس بڪ گذريل سال آگسٽ ۾ ٻڌايو هو.

پر فيس بڪ طرفان غير ضروري ڊيٽا جمع ڪرڻ جي عمل جي روڪ ٿام جي حوالي سان واهپيدارن کي ڪجهه شفافيت فراهم ڪرڻ آهي ۽ ڪنهن حد تائين ڪنٽرول به ڏيڻ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.